ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا جي نئين ميمبر اسماعيل راهو صوبائي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري محمد اسماعيل راهو کي حلف کڻايو، ترجمان موجب، تقريب جي صدارت سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير، صلاحڪار، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين شرڪت ڪئي،سنڌ جي وڏي وزير اسماعيل راهو کي وزارت جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني.ترجمان موجب، چيف سيڪريٽري گيان چند اسراڻي کي سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ٻئي پاسي صوبائي وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جنهن موجب سيد ناصر حسين شاهه کي مڪاني کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.جڏهن ته مخدوم محبوب زمان کي خوراڪ جو کاتو، سعيد غني کي ليبر کاتو، ڄام خان شورو کي آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي جو کاتو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته نئين وزير اسماعيل راهو کي بورڊ ۽ يونيورسٽين جو قلمدان ڏنو ويو آهي، انهن تبديلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.










