27 ڊسمبر جو سُور ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت

27 ڊسمبر جو سُور ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت

اعجاز ممنائي
ستاويهين ڊسمبر جڏهن به ايندي آھي ته دل نه چاهيندي به چند لفظ لکي پنهنجو فرض پورو ڪريان ڇوته ان ڏينهن ملڪ ۽ قوم مٿان هڪ قيامت گذري هئي ۽ سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جي خبر جهنگ جي باهه وانگر پوري دنيا ۾ پکڙجي ويئي۔ هونء به سندس خاندان تي وقت بوقت موت نه رڳو لامارا ڏيندو رهيو آھي پر جهوليون پڻ اجاڙيندو رهيو آھي۔ڪڏهن سندس والد کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڦاهي گهاٽ ۾ شهادت جو جام پياريو ويو ته ڪڏهن سندس هڪ ڀاء (شاهنواز) کي زهر جو جام پياريو ويو ته وري ٻئي ڀاء(مير مرتضيٰ) کي سرعام گولين جو کاڄ بڻايو ويو۔ اڃا ان درد جو دل مان زخم ڇٽو ئي نه هو ته وري سندس شھادت جو سور سيني کي چُور چُور ڪري ويو ۽ ائين محسوس ٿيو ته نه رڳو پنهنجي ملڪ پاڪستان پر پوري دنيا مان حقيقي سياست جو خاتمو اچي ويو۔ سندن موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ جي شھادت وقت برطانيه جي هڪ وڏي اخبار ۾ بينظير صاحبه جي باري ۾ هڪ مضمون ڇپيو هو جنهن جو عنوان هو ”آڪسفورڊ جي پڙهيل تاريخ ۾ فيل ٿي وئي“! اهو مضمون منهنجي لاء هڪ انڪشاف کان گهٽ نه هو ڇوته وڏي سرڪار ابتداء کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو جي سياست کان خوش نه هئي ۽ اها چاهي پئي ته عوامي ليڊر جو خاتمو آڻجي، سياست ۾ پير پائڻ سان سندس اڳيان رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون۔ ڪڏهن مولوين کان فتويٰ ڏياري وئي ته عورت جي حڪمراني جائز نه آھي ڪڏهن چيو ويو ته اها امريڪا جي ايجنٽ آھي مطلب ته هٿرادو الزام مڙھي کيس اقتدار کان پاسيرو رکڻ جا هربا هلايا ويا پر ”جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي“۔
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرئين حڪومتي دور ۾ اسٽبلشمينٽ جي اڍنگن روين جو اندازو ڪري چڪي هئي ۽ سندن مقابلو ڪرڻ لاء سندرا ٻڌي اڃان تياري پئي ڪئي ته سندس حڪومت جو خاتمو آندو ويو۔ هن جي ملڪ ۽ قوم سان سچائي سبب دنيا کي هلائيندڙ کانئن ناراض ٿي ويا۔ ڇوته هتي ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت جو ٻج ڇٽيو ويو هو ان ماحول ۾ مخلص هميشه مار کائيندو رهيو آھي۔ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پيء وانگر عوام جي دلين تي راڄ پئي ڪيو جيڪا ڳالهه ساڙ ڪندڙن کي نه ٿي وڻي۔ ان کان سواءملڪ دشمنن کي پاڪستان جي دولت ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ڪئي، ان سان گڏ پاڪستان جي اندر هر ٻولي ڳالهائيندڙ کي عزت پئي بخشي ته جيئن ملڪ جي اندر هر ماڻھو پاڻ کي ملڪ جو شهري سمجهڻ شروع ڪري، مطلب ته هن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو“ واري عالمي پاليسي سان بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جي بقا ۽ سلامتيء لاء وک وڌائي. جنهن جي نتيجي ۾ سندس پير ڇڪڻ جي سازشون تيار ٿينديون رهيون۔ بلاخر سندس حڪومت جي ٻئي دور جو به وقت کان اڳ خاتمو ٿي ويو۔ڇوته ٻيون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوء کيس حاصل هو۔ ٻيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ بعد اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد قومي اسيمبليء کي خطاب ڪندي چيو هئائين ته هن ڀيري اهڙو قانون ٺاهينداسين جنهن سان آئنده ڪنهن کي به هارس ٽريڊنگ ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي۔هن ڀيري اسان مرڪز ۽ صوبن ۾ سهڪار جي فضا قائم ڪنداسين ڇوته هن وقت ملڪ شديد مشڪلاتن مان گذري رهيو آھي۔ماضيء جي سياست ماڻهن جي دلين ۾ گھٹائي شڪ شبها پیدا ڪیا آهن عوام تبديلي جي انتظار ۾ آهي. هاڻي قوم صرف چهرن جي تبديلي نه ٿي چاهي بلڪه نظام جي تبديلي ضروري آهي.انشاء الله تبديلي ضرور ايندي ۽ اها تبديلي عوامي اتحاد سان ممڪن آھي. پاڪستاني قوم جو مستقبل روشن آهي ڇوته اسان ان کي روشن بنائی جو عزم ڪيو ويٺا آهيون اسين هاڻي كان ئي محنت شروع ڪنداسين ته جیئن وطن واسين جا خواب پورا ٿي سگهن انهن خوابن جي تعبير سان اسان جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. مون کي يقين آهي ته اسان جي تقدير ضرور بدلجندي. هن وقت پاڪستان بین الاقوامي سطح تي اڪيلو بيٺل آهي. دنيا ۾ وڏيون وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن. پر ان تبدیلین کان فائدو وٺڻ بجاء اسان انهن جي زد پر اچي چڪا آهيون اسان کي دهشتگرد قرار ڏیڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن۔ اسان جو نالو منشيات جي واپارين جي فهرست ۾ مشهور ڪيو ويو آهي اسان جو پرامن ايٽمي پروگرام به تڪراري بڻايو ويو آهي. حڪومت جي پهرين ترجيح هيء آهي ت پاڪستان کي ان انٽرنیشنل آئیسولیشن مان ڪڍيو وڃي ته جيئن ان سڪڙجندڙ دنیا بر اسان سڀني کان الڳ رهڻ بجاءِ پنهنجي عوام تائين بين الاقوامي تعلقاتن جو ثمر پهچايون۔ اهڙي سچي ۽ کري سياستدان جو قدر نه ڪيوسين ۽ کيس دهشتگرديء جي گهيري ۾ ڇڏي ڏنوسين، جنهن تي بکين بگهڙن حملو ڪري ڏنو ۽ حملي بعد ڪوبه قاتل نظر نه آيو، ملڪ ويران ٿي ويو حق سچ جي سياست جو خاتمو ٿي ويو۔ ڪوڙ، ٺڳي، مڪار ۽ فريب جي سياست جو بنياد رکيو ويو۔27 ڊسمبر تي محترمه بينظير جي عظيم شھادت بعد اٽي لٽي ۽ اجهي وارا خواب چڪنا چور بڻجي ويا۔ان کانپوء پ۔پ۔پ کي مرڪز ۽ صوبي ۾ اقتدار به مليو پر اهي پنهنجي پنهنجي مفاد لاء ڪم ڪرڻ لڳا۔ محترمه ته ميثاق جمهوريت جا معاهدا ڪري جمهوريت جا پختا بنياد رکيا پر سندس وڃڻ سان جمهوريت جو روح زخمي ڪيو ويو۔ عوام جي دردن جو ڪو درمان نه بڻيو۔ سکڻا نعرا هڻي عوام کي بک ۽ بدحالي ڏني وئي۔ائين پيو لڳي ڄڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوء پيپلز پارٽي ئي شھيد ٿي وئي ڇوته سندن مرڪزي قيادت توڙي وزير مسلسل صوبائي ۽ قومي اسيمبليء ۾ رهندي عوام کان دوري اختيار ڪري ويهي رهيا۔سنڌ جو عوام پي پي پي کي ڀٽو خاندان سان عقيدت جي بنياد تي هميشه ووٽ ڏيندو رهيو آھي پر موٽ ۾ کي ذلت ۽ رسوائيء کي منهن ڏيڻو پيو آھي۔ سنڌ جا اسڪول مال جا واڙا ۽ بهه جا ڀانڊا لڳا پيا آھن، اسپتالون ڪوس گهر جو ڏيک پيون ڏين اتي دوائن ۽ سهولتن سميت عملي جي کوٽ جون دانهون پيون اچن،ڪرپشن ۽ رشوت خوريءجي بازار گرم نظر پئي اچي، صوبي جا روڊ رستا کنڊرات جو ڏيک پيا ڏين۔ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري احتجاجن جو ڪوبه تدارڪ ڪرڻ لاء تيار ناهي۔ اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي 16هين ورسيء تي پي پي پي قيادت جلسو به ڪندي ۽ چونڊن واري پهرئين مرحلي مان گذرندي هر تڪ تي جيڪي پنهنجا اميدوار به بيهاريا آھن تن کي ٽڪيٽون به ملنديون۔پر سوال اهو آھي ته صوبائي ۽ قومي سيٽن تي بيٺل اميدوار پنهنجي پارٽيء جي گذريل پنجن سالن جي ڪارڪردگي ڇا بيان ڪندا، جڏهن اهي اقتدار ۾ هوندي هڪ ڏينهن به پنهنجي تڪ جي عوام کان ڪو درد پڇڻ به گواره نه ڪيو۔ ويتر تڪ جي عوام مان تڪليفن جا انبار ڪيرايا۔ ڇا اليڪشن هڪ رونشو آھي يا ڪا زميواري به آھي؟جيڪڏهن چونڊون رونشو آھن ته مهرباني ڪري هاڻي مظلوم عوام کي گانن تي رڪس نه ڪرايو ڇوته هو توهانجو زر خريد غلام ڪونهي،هو پاڻ ڪمائي ۽ پاڻ کائي ٿو ان ڀٽي خاندان جو قرض چڪائي ڇڏيو آھي. محترمه بينظير ڀٽو ته اهو چيو هو ته هاري مزدور ۽ محنت ڪندڙ شاگرد منهنجا ڀائر آھن ۽ منهنجا جانباز سپاهي آھن۔انهن جي هوندي دنيا جي ڪابه طاقت ملڪ ۾ جمهوريت جو رستو نه ٿي روڪي سگهي پر محترمه جي وڇوڙي کان پوء سندس ڀائرن سان سندس پارٽيء وارو جيڪو سلوڪ ڪيو آھي سو سڄو دنيا جي سامهون آھي۔محترمه ته اهو چيو هو ته مزدور جو ڏک منهنجو ڏک آھي، غريبن جي عزت منهنجي عزت آھي مان ان وقت تائين آرام سان نه سمهندس ۽ پيٽ ڀري ماني نه کائيندس جيستائين ملڪ مان غربت ۽ افلاس جو خاتمو نه ٿو اچي۔ ان ساڳي پارٽيء جي هاڻوڪي قيادت غريبن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري رهي آھي۔ مرڪزي قيادت انهن وزيرن ۽ ميمبرن جو احتساب ڪرڻ بجاء کين ڪرپشن ڪرڻ جي کلي اجازت ڏئي ڇڏي آھي پوء اهڙي جماعت عوامي ۽ جمهوري نه ٿي ٿي سگهي۔ انڪري پي پي قيادت بالخصوص آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريء کي پنهنجي پارٽيء بابت پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو