هيوسٽن(پ ر)سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) پاران پاڪستان ۾ هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ واري وحشياڻي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. سانا جي صدر مقبول هاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري اسد شيخ ۽ خزانچي آڪاش راماڻي ۽ ٻين جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ته اهو عمل قانون، اخلاق ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. هنن پاڪستان حڪومت ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي مجرمن خلاف مثالي ڪاروائي ڪري جيئن آئنده ڪو به اهري عمل جي جرئت نه ڪري سگهي. بيان ۾ اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڪيسن م ته هندو ڇوڪريون نابالغ هجن ٿيون جن کي ورغلائي وڃي ٿو. ميڊيا رپورٽس موجب 2025 جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙا ڪيس جيڪي هن وقت تائين رپورٽ ناهن ٿي سگهيا جيڪي ان کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، اهي افسوسناڪ واقعا سنڌي هندن تي جاري ظلم جي عڪاسي ڪن ٿا. اهڙا واقعا هڪ پاسي خاندانن کي تباهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي سڃي هندو برادري ۾ خوف ۽ حراس پکيڙين ٿا. سانا سمجهي ٿي ته اهو مسئلو پاڪستان جي تعليمي نصاب جي ڪري وڌيڪ بگڙيل آهي، جيڪو مذهبي عدم برداشت، مذهبي انتهاپسندي، جنونيت، گهٽ خواندگي جي شرح ۽ سول سوسائٽي جي جهالت کي فروغ ڏئي ٿو. اهي عنصر ڪيٽيلسٽ طور ڪم ڪن ٿا، زبردستي مذهب مٽائڻ جي واقعن ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا ۽ اقليتي برادرين لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ اڃا به وڌيڪ مشڪل بڻجي وڃي ٿو. سانا متاثرين ۽ انهن جي خاندانن سان گڏ آهي ۽ حڪومتِ پاڪستان، سنڌ حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪري ٿي ته هن غير انساني عمل جي خاتمي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا وڃن. سانا، حڪومت کان اهو به مطالبو ڪري ٿي اهڙن ڏوهن جي سهولتڪارن، ملوث فردن ادارن ۽ تنظيمن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هندو برادري کي مڪمل تهفظ فراهم ڪيو وڃي. سانا سمجهي ٿي ته هن مسئلي تي مسلسل حڪومتي غير فعالي اقليتي برادرين جي حقن جي حفاظت ۾ ناڪامي جي عڪاسي ڪري ٿي. SANA انساني حقن جي عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪري ٿي ته هو انهن ناانصافين خلاف آواز اٿارين ۽ احتساب لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪن. سانا سنڌي هندن ۽ سڀني مظلوم برادرين جي حقن لاءِ پرعزم آهي ۽ سڀني لاءِ انصاف، برابري ۽ انساني وقار لاءِ ڪم ڪندي رهندي.










