اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ساحل اديب هڪ جاهل ماڻهو آهي، اهو ماڻهو نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀري ٿو،اسلام آباد ۾ سنڌي لوڪ ساٿ پاران ساحل عديم جي حوالي سان ڳالهائيندي ساحل عديم چيو ته سنڌي پنهنجين ڇوڪرين کي چوڌرين جي حوالي ڪندا هئا.هن شخص دنيا جي خوبصورت ۽ قديم ثقافت تي حملو ڪيو آهي هن جاهل شخص سنڌين جي عزت تي حملو ڪيو آهي. سنڌي ماڻهو ساحل عديم کي قانوني نوٽيس موڪليندا جيڪڏهن اسان پاڻ کي جنوني ماڻهن کان آزاد نه ڪرايو ته هي جاهل ماڻهو هر صوبي جي عوام آڏو ڪوڙ ۽ مٽي اُڇليندو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ساحل عديم تي ڪراچي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري سنڌ حڪومت ڌر بڻجي هن شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساحل عديم 5000 سال پراڻي تهذيب بابت ڪوڙو پروپيگنڊا ڪيو آهي ساحل اديب کي خبر ناهي ته سنڌي ڪير آهي تنهنجو ڳوٺ سنڌين محفوظ ڪيو ساحل عديم کي سڄي قوم تي ڪوڙا الزام هڻڻ جو ڪو به حق ناهي،سهل عديم نام نهاد مذهبي اسڪالر بڻجي ويو آهي،هو ذهني مريض آهي،هن کي ڪا به رعايت نه ڏني وئي. سنڌي لوڪ سنڌ سٿ جي دوستن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته هن شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جسيم احمد ڀٽو، الله نواز يوسفاڻي، علي حسن عباسي ذوالفقار علي ملاح شاهه محمد ڏاهري ثناءُ الله منگي صلاح الدين ڀٽو ارشد علي ڀيو علي بخش لنجواڻي دوستن سنڌي لوڪ ساٿ اسلام آباد ۾ شرڪت ڪئي










