سائنس.انسان ۽ مذھب

سائنس.انسان ۽ مذھب

طفيل مگسي
سائنس ۽ انسان هڪ ٻئي جي لاء لازم و ملزوم آھن ۽ انهيء خاص نموني جي ڳنڍيل لاڳاپي جو تعلق انهيء ڏينهن کان ئي ٿي ويو هو.جنهن ڏينهن کان آسماني ڪشادگين ۾ موجود تخليقڪار مٽيء جي مورتي کي ٺاھڻ کانپوء هن ۾ عقل ۽ شعور وجهي ڪري هن کي شروع کان ئي ٻين جاندارن ۽ مخلوقات کان مٿاهون ۽ معتبر ڪري ڇڏيو هو.جيڪڏھن انسان جي شروعاتي ڳنڍ کي سلجهايو وڃي ته اسان تي اها ڳاله چٽي ٿي وڃي ٿي ته انسان زندگي جي شروعات غارن ۽ جهنگن کان ٿيئي ٿي.انسان جڏھن پنهنجن اگهاڙن انگن کي ڍڪڻ جي لاء وڻن جا وڏا وڏا پن پائڻ شروع ڪيا ته دنيا ۾ سائنس جي پهرين ڀهلڪاري ۽ وک هئي.بعد ۾ انهيء ساڳئي انسان جڏھن پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ جي لاء پاڻ کان تيز ۽ ڏنگن جانورن جو شڪار پنهنجن تيز ۽ تکن اوزارن سان ڪرڻ شروع ڪيو ته اها سائنس ۽ عقل جي استعمال جي ٻي وک هئي.ان کانپوء ان عقل جڏھن انهن شڪار ڪيل جانورن کي بچائڻ جي لاء پٿر کي پٿر سان رڳڙي باه جهڙي نعمت کي هٿ ڪيو ته اها سنس جي ٽين وک هئي.ان کانپوء شڪار جي وقت جڏھن ڇهريون جهنگلي انسان زخمي ٿي پيو ته ان انسان جڙين ٻوٽين سان پنهنجي زخم کي ٺيڪ ڪيو ته اها سائنس جي چوٿين وڏي وک هئي.مطلب ته ان ڊارڪ ايڇ ۾ ڪنهن کي معلوم هيو ته غار کان نڪرڻ واريون اهي لجه وکون مدتقبل ۾ آسمان جي ڪشادگين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ تارن مٿان پهچي ويندا.پنهنجي وکون کڻي ڪري ثابت ڪيو ته عقل پنهنجيون شروعاتي منزلون طئي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آھن.هاڻي رستي ۾ اچڻ وارين وڏين وڏين رڪاوٽن.حادثن ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست ڪري ورتو ته سائنس عقل آھي ۽ عقل خدا جي اها ڏات ۽ نعمت آھي ته جنهن انسان کي ٻين جانورن ۽ مخلوقات کان اشرف المخلوقات بڻائي ڪتي مٿاهون ڪري ڇڏيو آھي.ان ڪري هيء چوڻ ته سائنس.انسان ۽ مذھب ڪي الڳ شيون آھن.بلڪل غلط آھي.قرآن ۾ بيان آھي ته “اسان اوهان جي لاء لوھ کي پيدا ڪيو ۽ عقل وارن جي لاء ان ۾ نشانيون آھن“انهيء ريت ٻيون ڪافي شيون پڻ آھن.جيڪي ان موضوع جي تصديق ڪن ٿيون ته خدا عقل جي استعمال جي حمايت ڪري ٿو نه ڪي روڪي ٿو.
عقل جي بدولت ئي تير.تلوارون ۽ نيزا ٺاهي الله جي رسول مشرڪن۽ ڪافرن جو مقابلو ڪيو نه صرف اهو بلڪ عقل کي استعمال ڪري هن پنهنجن هٿن مبارڪن سان خندق کوٽي خندق جي جنگ ۾ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور وڏي دشمن کان سڀني کي محفوظ ڪيو هو.رب جي ڏنل نعمت کان انسان لفظ ٺاهيا پوء مختلف ٻوليون ايجاد ڪيون.پنن ۽ وڻن جي برڇن تي لکڻ شروع ڪيو.مختلف موضي مرضن جو اعلاج دريافت ڪيو.غار ۽ جهنگ جي زندگي کي الوداع چئي ميدانن ۾ شھر اڏي ڪري تهذيب ۽ ثقافت جو بنياد وجهي ڪري جيئن جي شروعات ڪئي.هڪ وڏي مفڪر جو قول آھي ته پنهنجي شروعات کان وٺي اڄ تائين انسان کان وٺي نباتات تائين جيڪي به مختلف قسمن جون شيون بچل آھن.ٿورو سوچيو ته جيڪڏھن انسان پنهنجي عقل جو استعمال نه ڪري ها ۽ اتي ئي گمنامي ۾َفنا ٿي وڃي ها بلڪل انهن نباتاتن ۽ جاندارن جيان جن جو ڪڏھن هن ڌرتي تي ڪنهن زماني ۾ وجود هو.سائنس شروعات کان وٺي اڄ تائين انسان کي پيش ايندڙ مسئلن کان ڄاڻ ڏيندي رهي آھي.مذھب هن جو مسئلو ناهي بلڪ انسان ۽ انسانيت جي نقا جو مسئلو آھي.نه ته اڄ تائين خدا جي مقابلي ۾َسائنس ڪو خدا ٺاهيو آھي ۽ نه ئي ڪو الڳ مذھب ۽ فرقو دريافت ڪيو آھي.جيڪڏھن ڪنهن سائنسدان قدرت جي اصولن کي چئلينج ڪيو آھي ته اهو سندس انفرادي فعل آھي.
سائنس جي خوبصورتي اها آھي ته جيڪڏھن سائنٽسٽ ٿيوري اڄ پيش ڪري ٿو ته سڀاڻي ڪو ٻيو سائنسٽ دليلن سان ان کي رد ڪري سگهي ٿو ۽ ائين شروع کان ٿيندو رهيو آھي.مختلف نظريا پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪجه عرصي کانپوء دليلن سان گڏ چئلينج ۽ رد به ٿي وڃن ٿا.سائنس دليلن سان ضد نٿو ڪري ان ڪري ياد رکو ته سائنس کي حرام چوڻ وارا يا ان کي مذھبجي خلاف سڏڻ وارا بيوقوف آھن.ڇاڪاڻ ته سائنس ۽ انسان جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو لاڳاپو آھي ۽ اهو لاڳاپو قيامت تائين رهندو چوته ان رشتي جو بنياد رب پاڪ پاڻ رکيو هو.سائنس جو ڪو ڌرم ناهي بلڪ اها بنا ڪنهن رنگ.نسل ۽ تعصب جي سڀني جي خدمت ڪري رهي آھي.جيڪڏھن سندس جون برقي دريافتون يهودين جي مقدس جڳهن تي لڳل آھن ته اهي مسلمان.عيسائين ۽ ٻين ننڍن وڏن مذھبن جي مقدس جڳهن تي لڳل آھن.سالن کان ستل پهاڙن کي جاڳائي کينکي چيري انهن جون دليون.گردا ۽ ھيانء ڪڍي ڪري جيڪي خوبصورت ۽ ٿڌا پٿر سنگ مر مر جي شڪل ۾ ٺاهيا پيا وڃن اهي هيڪل سليماني ۾ به لڳل آھن ته مڪي.مديني ۽ ڪرتارپور ۾ به لڳل آھن.ان ڪري سائنس۽ انسان ۽ مذھب هڪ ٻئي جا پرتو آھن ۽ انگن کي نه تسليم ڪرڻ وارابيوقوفن جي دنيا ۾ رهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو