زيد خان جي ماءُ  اداڪاره زرين  81 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

زيد خان جي ماءُ اداڪاره زرين 81 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي)ويب ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪار زيد خان ۽ سوزين خان جي ماءُ ۽ اداڪار سنجي خان جي زال زرين 81 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب زرين ڪترڪ جمعي ڏينهن ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي آخري ساهه کنيو. هوءَ ڊگهي عرصي کان عمر سان لاڳاپيل بيمارين ۾ مبتلا هئي.زرين جو شادي کان اڳ هندستاني فلم انڊسٽري ۾ هڪ مختصر پر يادگار عرصو هو ۽ هن “تيري گهر ڪي مُکم” ۽ “ايڪ ڦول دو مالي” جهڙين فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.سندس موت جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ، بالي ووڊ جي شخصيتن طرفان افسوس ۽ تعزيت جا پيغام جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو