سلطانپور (رپورٽ قربان علي مهر )سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ديھ جاڻيجي ۾ زمين جي مالڪي تان چاچو ڀائٽين ۾ ھلندڙ تڪرار راڄوڻي ڪوششن ۽ عدالتي حڪمن باوجود نبري نه سگھيو ,ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز,ڀائٽين پاران مسئلو حل ٿيڻ تائين زمين ۾ فصل پوکڻ کان روڪڻ تي چاچي طرفان ونگارو ماڻهو ساڻ ڪري ڀائٽين تي حملو, لٺيون ,ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ ئي ڌر جا چار سڳا ڀائر زخمي, اطلاع ملڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ دير سان پھچڻ سبب زخمي تڙپندا رھيا,ڳوٺاڻن ھمت ڪري زخمين کي تعلقه اسپتال پھچايو,زخمين مان ھڪ ڄڻو نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال ريفر,تفصيل موجب سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ديھ جاڻيجي ۾ واقع زمين جي ورھاست تان ڪجهه سالن کان ڳوٺ سليمان ڪلھوڙو واسي چاچي ڀائٽين ايوب ڪلھوڙو ۽ ھزارخان ڪلھوڙو وچ ۾ ھلندڙ تڪرار راڄوڻي ڪوششن باوجود حل نه ٿي سگھيو ڪيترائي ڀيرا جھڙپون ٿيڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر خوني تڪرار ڪر کنيو ڀائٽي ھزارخان ڪلھوڙو پاران زمين جي ورھاست ٿيڻ تائين پنهنجي چاچي ايوب کي زمين ۾ ھر ڪاھڻ کان روڪڻ تي تڪرار وڌي ويو صبح جي وقت ايوب ڪلھوڙو پاران پٽن ۽ ٻين ونگارو ماڻھن جي مدد سان ڀائٽين مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڪراچي ۾ نوڪري ڪندڙ عيد جي موڪلن تي گھر پھتل ھزارخان ڪلھوڙو ۽ سندس ڀائر شبيراحمد , عبدالرزاق ۽ بشير ڪلھوڙو سخت زخمي ٿي پيا ڳوٺاڻ پاران جھيڙي جو اطلاع ڪينٽ پوليس ۽ سانگي پوليس کي ڏنو ويو جيڪي واقعي واري ھنڌ دير سان پھچڻ ڪري زخمي تڙپندا رھيا جن کي ڳوٺاڻن ھمت ڪري علاج لاء تعلقه اسپتال پـنوعاقل پھچايو جتان ھڪ ڄڻي ھزارخان ڪلھوڙو کي نازڪ حالت ۾ سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏھن ته ٽن ڄڻن جو علاج پنوعاقل تعلقه اسپتال ۾ جاري آھي ٻئي پاسي ڪينٽ پوليس پنهنجو موقف ڏيندي ٻڌايو ته ڌرين ۾ زمين جي ورھاست تان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي جنهن جو عدالت ۾ ڪيس به داخل ٿيل آھي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي حملو ڪندڙ ڌر جي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪوشش جاري آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون زخمين جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪنداسين .










