زال سان زوري سيڪس، جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا

زال سان زوري سيڪس، جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج اشرف حسين خواجا جوابدار جاويد کي سندس زال جي شڪايت تي زوري سيڪس ڪرڻ تي 3 سال قيد ۽ 30 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت حڪم ۾ لکيو آهي ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. انڊپينڊنٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ’ميريٽل ريپ‘ بابت ڪو قانون موجود ناهي پر مدعي جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته 2021 ۾ پاڪستان جي ضابطه فوجداري جي شق 375 ۾ ترميم ڪئي وئي هئي ته رضامندي کانسواءِ ڪيل سيڪس، ريپ تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته سندس موڪل جي جاويد نالي شخص سان جولاءِ 2022 ۾ شادي ٿي هئي. جنهن بعد سندس مڙس جاويد هن سان اڪثر جبري سيڪس ڪندو هو. مدعي عدالت کي ٻڌايو ته هن مرش جي شڪايت پنهنجي سس کي به ڪئي پر هن پنهنجي پٽ کي ڪجهه به نه چيو ۽ مون مجبور ٿي نومبر 2022 ۾ لياري جي چاڪيواڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو متاثره عورت جي وڪيل بهزاد اڪبر موجب جاويد زال کي غير فطري سيڪس يعني اورل يا چوساڙو ڪرڻ ۽ پٺيان سيڪس ڪرڻ لاءِ به مجبور ڪندو هو. عدالت ثبوتن کي سامهون رکندي جوابدار کي زال سان سندس مرضي بنا سيڪس ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي آهي.وڪيل بهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته ٻين صوبن جي کيس خبر ناهي پر سنڌ ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ جوابدار کي سزا ملي آهي. ڪاروائي دوران متاثره عورت پاران بواسير جي الزام جي ترديد ڪئي وئي هئي پر جج چيو ته ٻيا ٽبوت ڪافي آهن بواسير جي ذڪر جي ضرورت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو