ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستاني شوبرز انڊسٽريءَ جي معروف اداڪاره زارا نور عباس جي جسماني وزن ۾ تيزيءَ سان ٿيل حيران ڪندڙ گھٽتائي ۽ نئين لُڪ مداحين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.انسٽاگرام تي 67 لک کان وڌيڪ فالوئرز رکندڙ ۽ اداڪار اسد صديقيءَ جي اهليه زارا نور عباس حال ئي ۾ پنهنجي نئين ڊرامي “دل ڍونڍتا هي پھر وھي” لاءِ وزن وڌائڻ سبب سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ باڊي شيمنگ جو شڪار ٿي هئي. تاهم هاڻ اداڪاره وزن گھٽائي نئين ۽ چست جسامت سان سوشل ميڊيا تي پنهنجيون جديد اولھندڙ طرز جون تصويرون شيئر ڪيون آهن. زارا نور جي هن نئين روپ تي سوشل ميڊيا صارفين پاران مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪجهہ مداحين جو چوڻ آهي ته اداڪاره پهرين به خوبصورت هئي، جڏهن ته ڪجهہ ماڻهن پاران تيزيءَ سان وزن گھٽائڻ تي اوزيمپڪ (Ozempic) جهڙي دوائن جي استعمال جا شڪ شبها به ظاھر ڪيا پيا وڃن.










