رپئي جي ملهه ۾ واڌ جاري،ڊالر  سستو

رپئي جي ملهه ۾ واڌ جاري،ڊالر سستو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪي ڊالر سستو ٿيندو پيو وڃي.اڄ به ڪاروبار شروع ٿيڻ کانپوءِ ڊالر سستو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 رپيا 12 پئسا مهانگو ٿي 229 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.آمريڪي ڊالر هن وقت تائين گذريل 5 انٽربينڪ واپاري سيشنن ۾ 10 رپيا 71 پئسا گهٽجي چڪو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 50 جي گهٽتائي سان 230 رپيا 50 جو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو