رٽائرڊ ججز کي سياسي ڪيس نه ٻڌڻ گهرجن: فواد چوڌري

رٽائرڊ ججز کي سياسي ڪيس نه ٻڌڻ گهرجن: فواد چوڌري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سياسي ڪيسز رٽائرڊ ججز وٽ لڳائڻ مناسب نه آهي، حاضر سروس ججز کي ئي اهو ڪيس ٻڌڻ گهرجي.باهين ۽ گهيراءُ ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظر ثاني درخواست داخل نه ڪرڻ جو فيصلو سٺو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به تسليم ڪري، مريم نواز کي خطرو آهي جيڪڏهن فارم 45 کليا ته انهي جي پنهنجي سيٽ خطري ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ تاثر اهو آهي ته ججز کي ڊيڄارڻ جي لاءِ مارشل لا جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ٽربيونلز کي تبديل نه ڪرڻ جو چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو سٺو فيصلو آهي. چيف جسٽس صاحب کي ته پنهنجي ججز سان گڏ بيهڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو