ريلوي جو پهرين نومبر کان وڌيڪ 3 ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

ريلوي جو پهرين نومبر کان وڌيڪ 3 ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي عملدارن مسافرن جي تڪليفن ۽ پريشآنين کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين نومبر کان وڌيڪ 3 ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ريلوي عملدارن مطابق بحال ٿيندڙ ٽريننگ ۾ تيز گام ايڪسپريس، بهاول الدين ذڪريا ۽ هزاره ايڪسپريس شامل آهن. تيز گام ايڪسپريس راولپنڊي کان لاهور ڪراچي هلي ٿي جڏهن ته بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس ٽرين ملتان کان ڪراچي وچ ۾ هلي ٿي هزاره ايڪسپريس ٽرين حويليان راولپنڊي رستي، ٽيڪسلا، لالا موسيٰ جهنگ، ملتان ۽ ڪراچي وچ ۾ هلي ٿي ريلوي عملدارن ٽن ٽرينن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو سمورين ٽرينن کي مڪمل گاڏن جي ريڪ سان هلايو ويندو. صورتحال بهتر ٿيڻ تي مڪمل ٽرين آپريشن بحال ڪيو ويندو هن وقت پشاور، راولپندي، لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ ڪراچي وچ ۾ 5 ٽرينون هلي رهيون آهن جڏهن ته علامه اقبال ايڪسپريس، ملت ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس 20 آڪٽوبر کان بحال ٿي وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو