رياست پاڪستان هرمز کولرائي سگهي ٿي ته ڪشمير کي به کولرائي

رياست پاڪستان هرمز کولرائي سگهي ٿي ته ڪشمير کي به کولرائي

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي رياست جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪري آبناءِ هرمز (هرمز وارو لنگهه) کولرائي سگهي ٿي، ته ڪشمير به بند آهي، ان کي به کولرائي.آزاد ڪشمير جي تحصيل ڊڊيال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اهي آزاد ڪشمير جي تاريخ جا سڀ کان اهم چونڊون آهن، هي چونڊون پاڪستان جي رياست لاءِ هڪ امتحان آهن. جنهن نموني ڪشمير جي عوام جو آواز پهچائڻ گهرجي ها، اسان سياستدانن اهو ڪم ناهي ڪيو، جڏهن سياسي بحران پيدا ٿيندو آهي ته غير جمهوري قوتون اچي وينديون آهن. هن چيو ته اڄ جيڪي حالات آهن، انهن تي هر ڪشميري ۽ هر پاڪستاني پريشان آهي. بينظير ڀٽو سيکاريو آهي ته جتي ڪشميرين جو پگهر ڳڙندو اتي اسان جو رت ڳڙندو، اسان سمجهون ٿا ته آزاد ڪشمير جي عوام جي تمام مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته احتجاج ڪندڙن مون کي خط لکيو ته مون ’ٽروٿ اينڊ ريڪنسليشن ڪميشن‘ (سچ ۽ ڳالهين واري ڪميشن) قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، جيڪڏهن اها ڪميشن قائم ڪئي وڃي ته مان احتجاج ڪندڙن کي چوندس ته احتجاج روڪي ڇڏين، پر منهنجي تجويز تي اڃا تائين ڪو جواب ناهي آيو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ غلط هوندا پر سزا پوري ڪشمير کي ملي رهي آهي، جنهن غلطي ڪئي آهي ان کي پڪڙيو، سزا ڏيو، چند ماڻهن جي ڏوهه جي سزا سڀني کي ڇو پيا ڏيو؟ هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عام ڪشميرين کي ڪاروبار ۽ معمول جي زندگي ۾ ڪا پريشاني نه ٿئي، پاڪستان جي رياست جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڪرائي آبناءِ هرمز کولائي سگهي ٿي ته ڪشمير بند آهي ان کي به کولرائي. بلاول ڀٽو چيو ته مون مودي کي گجرات جو قصائي چيو هو جنهن تي ڀارت منهنجي مٿي جي قيمت مقرر ڪئي هئي، اسان ڪشميرين جي زمين تي ڀارت جي قبضي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته مهاجرن جي سيٽن ۽ ووٽ جو فيصلو آئين ساز ادارا ڪندا، ٻه جماعتون آهن هڪ پيپلز پارٽي ۽ ٻي ن ليگ، هاڻي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. جيڪا ٻي جماعت آهي اها ته راولاڪوٽ، ڪوٽلي ۽ ميرپور کي ڪشمير جو حصو ئي نٿي مڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ڇا وفاقي حڪومت جي پاليسي اها ئي آهي جيڪا دفاع وارو وزير چئي رهيو آهي؟ هڪ ٻيو وفاقي وزير چوي ٿو ته ڪشمير جون 12 سيٽون اسان جي کيسي ۾ آهن، جڏهن سندن سوچ اها هوندي ته کين ڪا پرواهه نه هوندي ته ڪوٽلي يا راولاڪوٽ مان ڪير ڪامياب ٿيندو. بلاول ڀٽو دفاع واري وزير خواجه آصف کي وفاقي ڪابينا مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪشمير جي معاملي تي دفاع واري وزير جو بيان وفاقي حڪومت جي پاليسي آهي يا نه؟ وزيراعظم شهباز شريف کي ان تي وضاحت ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو