ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کنيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب طالبان سفارتڪار جمال گروال کي ماسڪو ۾ افغان چارج ڊي افيئر تسليم ڪيو ويو آهي.روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زخارووا موجب اهو قدم ٻطرفن لاڳاپن جي مڪمل بحالي طرف هڪ قدم آهي.










