اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ احتجاج دوران رستا بند ڪرڻ بابت اهم ريمارڪس ڏنا آهن.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته رسول الله ﷺ روڊ بلاڪ ڪرڻ کي شيطاني عمل قرار ڏنو هو.معزز جج چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جو حق استعمال ڪري ٻين جي بنيادي حقن کي متاثر نه ٿو ڪري سگهجي، روڊ کي اڻڄاتل مدي تائين گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري احتجاج ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي جيڪي روڊن جي استعمال جي حق ۾ رڪاوٽون وجهن. قانون تحت احتساب ٿيڻ گهرجي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته مظاهرين کي گڏ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ رڳو رياست جي ذميواري ناهي، رياست جي اولين ذميواري هر شهري جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي.










