راولپنڊي ۾ ماڻهن اسان جي خلاف نعرا هنيا: شائي هوپ

راولپنڊي ۾ ماڻهن اسان جي خلاف نعرا هنيا: شائي هوپ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ملتان سلطانز جي پرڏيهي رانديگر شائي هوپ جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ ميڙ اسان جي خلاف نعرا هنيا. راولپنڊي ۾ ميڙ اسان جي حق ۾ نه هو، پر اميد آهي ته ملتان ۾ ميڙ ايندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته محمد رضوان جي چهري تي هميشه مسڪراهٽ هوندي آهي، سندس ڪري ڊريسنگ روم ۾ مثبت ماحول آهي.شائي هوپ جو چوڻ آهي ته اسان کي ماضي جي پرفارمنس کي وساري باقي پي ايس ايل تي نظر وجهڻي پوندي، ملتان سلطانز اڃا تائين ٽورنامينٽ ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو