اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت وفاقي راڄڌاني اسلام آباد کان راولپنڊي جي وچ ۾ جديد ۽ تيز رفتار ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ تيز رفتار ٽرين هلائڻ جو فيصلو گهرو وزير ۽ ريلوي واري وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مارگله اسٽيشن، اسلام آباد کان راولپنڊي، صدر اسٽيشن تائين ريل منصوبو جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ايندڙ هفتي منصوبي جي فريم ورڪ ايگريمينٽ کي حتمي شڪل ڏئي صحيحون ڪيون وينديون. پڌرائي موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ سفر 20 منٽن ۾ طئي ٿيندو وقت ۽ تيل جي بچت ٿيندي جڏهن ته جديد ۽ تيز رفتار ٽرين سان ٽريفڪ جو دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تيز رفتار ٽرين جي لاءِ ٽريڪ ريلوي واري وزارت ڏيندي ۽ ريل سروس جو انتظام سي ڊي اي سنڀاليندي جڏهن ته اجلاس ۾ ريل سروس جي لاءِ جديد ترين امپورٽ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. انهي موقعي تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو ته جاڙن شهرن جي وچ ۾ ريل سروس جي شروعات عوامي فلاح جو بهترين منصوبو هوندو. شهري تقريبن 20 منٽن ۾ جاڙن شهرن جي وچ ۾ تيز ۽ آسان سفر ڪري سگهندا. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اهو منصوبو وزيراعظم جي عوامي رليف جي وزن جو عڪس آهي. منصوبي جي تڪميل سان هزارين شهرين کي سفر جي جديد ۽ معياري سهوليت ملندي.










