ذوالفقار جونيئر جي سن آمد ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري

ذوالفقار جونيئر جي سن آمد ۽ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري

ذوالفقار قادري
لاڙڪاڻي جا ڀٽا پاڪستان جي اقتداري سياست سبب ھميشہ ملڪ جي قومپرست ڌرين کان وٿيرڪا رهيا آھن ٖپر مير مرتضئ ڀٽو جلاوطني وارن ڏينهن دوران ڪابل ۾ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ مرحوم خيربخش مري جي پٽن بالاڇ مري ٖ مير هيربيار مري ٖ مير مهراڻ مري ٖ مير گزين مري ۽ چنگيز مري سان ويجهو رهيو ۽ مير مرتضئ ڀٽو پاڪستان واپس وريو تہ ڊيره بگٽي وڃي نواب اڪبر بگٽي سان سندس فرزند سلال بگٽي جي تعزيت ڪيائين پر مير مرتضئ پو۽ جلد شھيد ڪيو ويو ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ طويل جلاوطني بعد واپس وطن وري تہ ايجنسين جي منع ڪرڻ باوجود 16 ڊسمبر 2007ع تي ڪوئيٽہ بلوچستان وڃي نوابزاده طلال بگٽي سان سندس والد نواب اڪبر بگٽي جي تعزيت ڪيائين اهڙي طرح جڏھن مير بالاڇ مري جي شھادت جي خبر بينظير ڀٽو صاحبہ کي پئي تہ هو پهرين سياسي اڳواڻ ھئي جيڪا ايجنسين جي منع ڪرڻ باوجود نواب خير بخش مري جي گهر پهتي 21 نومبر 2007ع تي بينظير ڀٽو صاحبہ نواب خير بخش مري وٽ پهتي ۽ محض مهيني بعد 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو صاحبہ راولپنڊي ۾ شھيد ڪئي وئي ٖ سنڌ جي سياسي وائي منڊل ۾ سائين جي ايم سيد ۽ لاڙڪاڻي جي ڀٽن جا سياسي نظريہ هڪ ٻئي جا متضاد رهيا آھن پر اهڙي صورتحال باوجود ذوالفقار علي ڀٽو جو سن پهچي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ هڪ سٺو سوڻ آھي لاڙڪاڻي جي ڀٽن مان 29 سالن بعد ڪنهن ڀٽي جي اها سن آمد آھي ان کان اڳ 1996ع ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبہ سن آئي هئي ٖ ذوالفقار جونيئر هڪ نئين پارٽي جوڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آھي اڳتي هلي جڏھن اها پارٽي تہ جڙي تہ ان جي منشور ۽ جدوجهد بابت تبصرو ڪري سگهبو ٖ پر مون کي ذوالفقار جونيئر جو سن اچڻ سٺو سوڻ لڳو
مون زندگي ۾ پهريون دفعو سائين جي ايم سيد کي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو ٖ هونئن المرتضئ هاؤس ۾ سنڌ جو ڪو ورلي سياستدان هجي جيڪو نہ آيو هجي پر مون سيد جي گهراڻي جي ڪنهن فرد کي المرتضئ هاؤس ايندي نہ ڏٺو هو ٖ اهو پهريون دفعو هو جو سائين جي ايم سيد المرتضئ هاؤس پاڻ آيا ٖ جيتوڻيڪ سيد جون سياسي راهون ۽ ڀٽن جا سياسي دڳ هڪ ٻئي کان الڳ رهيا پر هي پهريون دفعو هو جو سائين جي ايم سيد سنڌ جي روايتن کي مان ڏيندي لاڙڪاڻي جي ڀٽن ڏي پاڻ لڙي آيو ٖ اهو بہ ڪو وقت هو جڏھن سائين جي ايم سيد سن جون 1934ع ۾ پنهنجي رهائش حيدر منزل تي سنڌ پيپلز پارٽي نالي جماعت جوڙي هئي تہ سائين جي ايم سيد ٖ سر شاهنواز ڀٽي کي ان پارٽي جو صدر بڻايو ۽ پاڻ جوائنٽ سيڪريٽري بڻيا هئا ٖ وري اڳتي هلي 1936ع جڏھن سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جوڙي وئي ۽ چونڊن ۾ حصو ورتو ويو تہ ان چونڊن ۾ يونائيٽيڊ پارٽي اڪثريتي سيٽون کٽي ايوان ۾ تہ پهتي پر ان جا مکيہ اڳواڻ سرشاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي واري تڪ تان شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان هارايو گڏو گڏ سر هدايت الله بہ چونڊ ھارائي ٖ شاهنواز ڀٽي جي هارائڻ تي سائين جي ايم سيد پنهنجي سيٽ تان استعفئ ڏئي سر شاهنواز ڀٽي کي پنهنجي سيٽ تان چونڊرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر پو۽ گورنر ائين ٿيڻ نہ ڏنو ٖ اڳتي هلي جڏھن جماعت اسلامي اها پروپيگنڊا ڪئي تہ ذوالفقار علي ڀٽي جي ماءٗ خورشيد ( سابقہ لکي ٻائي ) هندو هئي ۽ ڀٽي جي سنت ( طوهر ) ٿيل ناهي تہ سائين جي ايم سيد عبدالواحد آريسر ۽ تاج جوئي کي گهرائي چيو هو تہ سندس لائبرري جي فائيلن مان سر شاهنواز ڀٽي جو اهو دعوت نامون کڻي اخبار وارن کي جاري ڪن جنهن دعوت نامي ۾ سر شاهنواز ڀٽي پنهنجي پٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سنت ( طوهر ) جي تقريب جو سڏ سائين جي ايم سيد سميت پنهنجن سمورن دوستن کي موڪليو هو ٖ ۽ سائين جي ايم سيد ٖ ڀٽي جي ان سنت واري تقريب ۾ شرڪت بہ ڪئي هئي ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو ۽ جنگي قيدين ۽ والاريل علائقن جي واپسي لا۽ ڀٽو شملا پئي ويو تہ ذوالفقار علي ڀٽي سائين جي ايم سيد سان ٻہ دفعا ملاقات ڪري کيس عرض ڪيو هو تہ سندس خواهش آھي تہ اندرا گانڌي سان شملا ڳالهين ۾ اوهان بہ مون سان هجو پر سائين جي ايم سيد اهو چئي شملا وڃڻ کان انڪار ڪيو تہ مذاڪرات ۾ منهنجي شموليت پنجابي مستقل مفاد سول ۽ نان سول قوتن کي ڀانء نہ پوندي ۽ اوهان جي لا۽ مسئلا پيدا ٿيندا ان لا۽ مان شملا وڃڻ کان قاصر آھيان ٖ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو 1972ع ۾ عبوري آئين جوڙيو تہ ذوالفقار علي ڀٽو سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪري کيس عرض ڪيو تہ ولي خان ۽ بلوچ اڳواڻن کي راضي ڪيو تہ 1972ع جي عبوري آئين تي صحيح ڪن ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان ولي خان ٖ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطاءالله مينگل ٖ غوث بخش بزنجو ۽ ٻيا 1972ع جي عبوري آئين تي صحيح ڪرڻ لا۽ راضي ٿيا وري جڏھن ڀٽو دؤر ۾ سنڌ اندر لساني فساد ٿيا هئا تہ بہ ذوالفقار علي ڀٽي ٖ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪري مسئلي کي حل ڪرائڻ لا۽ مدد ڪري پر اڳتي هلي 1973ع جي آئين ۾ سائين جي ايم سيد سان ڪيل وعدي مطابق آئيني شقون شامل نہ ڪيون ويون تہ سائين جي ايم سيد 1973ع جي آئين جي مخالفت ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان ۾ اهو پهريون شخص هو جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سائين جي ايم سيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سموري دور اقتدار ۾ نہ صرف نظربند رهيو پر سنڌ جا اڪثر قومپرست ڀٽي جي دور ۾ جيلن ۾ رهيا پر وري جڏھن 4 اپريل جي رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو تہ سائين جي ايم سيد نظر بند هو ۽ سندس چرپر سن تائين محدود هئي سن کان ٻاهر وڃڻ لا۽ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کان اجازت وٺڻي پوندي هئي قدرتي طور جنهن رات ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي سائين جي ايم سيد جي طبيعت ناساز هئي ٖ سائين روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻڌي نہ سگهيو .
ان ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پو۽ صبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اها خبر ٻڌڻ سان سائين جي ايم سيد جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پيا ، بقول عبدالواحد آريسر جي تہ مان ان وقت سائين وٽ موجود هئس ۽ مون سائين جي ايم سيد کي چيو
“سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون ؟ “ سائين پنهنجون خوبصورت اکيون مٿي کڻي انهن مان ڇلڪندڙ جامن سان جواب ڏنو تہ
“مان ڪنهن جي موت زندگي تي نہ ٿو روئان ،
مون کي پنهنجي قوم جي بيوسي تي روئڻ ٿو اچي
اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪڇيو بہ نہ ٖ اسان جي پاڪستان ۾ اها حيثيت آھي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي جي ڪجهہ عرصي بعد جڏھن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ مئي 1979ع ۾ سهالا پوليس ڪيمپ مان نظربندي مان آزاد ٿي لاڙڪاڻي المرتضا هاؤس ۾ تڏو وڇايو تہ سائين جي ايم سيد بيگم نصرت ڀٽو کي خط لکي تعزيت ڪئي ۽ چيائين طبيعت جي ناسازي سبب نہ ٿو اچي سگهان جڏھن بہ طبيعت اجازت ڏني روبرو اچي تعزيت ڪندس .
پو۽ جڏھن 1980ع ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو جي والد ۽ نثار احمد کهڙو جي چاچي خانبهادر محمد ايوب کهڙي وفات ڪئي تہ سائين جي ايم سيد سنڌ جي گهرو وزارت کي خط لکيو تہ کيس خانبهادر محمد کهڙو جي تعزيت لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻو آھي کيس اهڙي اجازت ڏني وڃي . سنڌ جي وزارت داخلا کان اجازت ملڻ بعد سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي آيو ڊاڪٽر حميده کهڙو سان سندس پيءُ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي تعزيت ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد سڌو المرتضئ هاؤس اچي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت تي تعزيت ڪئي .
مون ان موقعي تي سائين جي ايم سيد کي بيگم نصرت ڀٽو سان فارسي ۾ ڳالهائيندو ڏٺو .
بيگم نصرت ڀٽو جي مادري زبان تہ فارسي هئي ئي سهي پر سائين جي ايم سيد بہ واه جو فارسي تي عبور رکندو هو . سائين جي ايم سيد ان موقعي تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ سان تعزيتي دعا بعد پنهنجي ڏک جو اظھار ڪندي چيو هو ذوالفقار علي ڀٽي جن جي ڪري سڀني سان ڦٽايو انهن ئي کيس ڦاهي چاڙھي ڇڏيو. سائين جي ايم سيد ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ جي زندگي جي اها پهرين ملاقات هئي
ٻيو ۽ آخري دفعو سائين جي ايم سيد ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ جي ملاقات پير آف مٽياري پير نور شاه هاشمي جي پٽ پير سوڌل شاهہ هاشمي جي شادي جي موقعي تي ٿي ٻئي ڄڻا گهوٽ سان اسٽيج تي ويٺا رهيا پر رسمن سلام دعا ڪيائون پر سندن درميان ڪا ڳالهہ ٻولهہ نہ ٿي جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ ٻيون دفعو وزيراعظم بڻي ۽ سائين جي ايم سيد کي نام نهاد جهنڊي ڪيس ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ سائين بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ نظربندي دوران انتقال ڪري ويا تہ سنڌ جون قوم پرست ڌريون بينظير صاحبہ جي ان رويي تي ناراض هيون ،
پر 6 جنوري 1996ع واري ڏينهن وزيراعظم بينظير ڀٽو ايجنسين جي منع ڪرڻ باوجود سن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ايتري قدر جو سنڌ جي وزير اعليَ سيد عبدالله شاه بہ کيس منع ڪيو تہ جيئي سنڌ وارا اوهان تي سخت ناراض آھن اوهان جو سن وڃڻ صحيح ڪونهي متان ڪا بدمزگي ٿي پئي بينظير صاحبہ عبدالله شاه کي چيو ڀلي تون سن نہ هل پر مان سن ويندس .
جيئي سنڌ جي ڪجهہ جذباتي ڪارڪنن بينظير صاحبہ جي سن اچڻ تي اعتراض ڪيو پر ان باوجود بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو سميت سن پهتي
بينظير صاحبہ سان گڏ گورنر ڪمال اظفر ، ناهيد خان هئا .
بينظير ڀٽو صاحبہ جڏھن حويلي واري اوطاق تي پهتي تہ سائين جي ايم سيد جي گهراڻي طرفان سندس فرزند سائين امير حيدر شاهہ ۽ سائين جي ايم سيد جي پوٽن سيد جلال محمود شاه ، سيد زين شاه ۽ سيد ضيا شاه سندس آڌرڀاءُ ڪيو ان موقعي تي عبدالواحد آريسر ، گل محمد جکراڻي ، سيد غلام شاه ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ،
قمر ڀٽي ۽ ٻيا بہ موجود هئا
ان بعد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو سائين جي ايم سيد جي پونئرن سان تعزيتي دعا گهري ۽ حال احوال ڪيا ۽ وري جڏھن مير مرتضا ڀٽو جي شھادت ٿي تہ سائين جي ايم سيد جي گهراڻي طرفان بہ غنوا ڀٽو ۽ مير مرتضا جي ٻارڙن فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر سان تعزيت ڪئي وئي ۽ اڄ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سن وڃي سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري اهو هڪ سٺو سوڻ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو