ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ اربع 27 مئي تي ٿيندي. ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت بعد هن چيو ته ملڪ جي مختلف حصن مان چنڊ ڏسڻ جي شاهدي ملي آهي ۽ فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سعودي عرب سميت اڪثر ملڪن ۾ به چنڊ نظر آيو آهي ۽ هو به عيد 27 مئي تي ڪندا.










