دڙي جا تعليمي مسئلا حل ڪريو

دڙي جا تعليمي مسئلا حل ڪريو

محمد انور ميمڻ
دڙي شھر جا تعليمي ادارا تباھ ٿيڻ کان بچايا وڃن. اسان جيڪڏھن سنڌ جي تعليم تي نظر ڦيرائينداسين تہ اسان ۽ اوھان کي عجب لڳندو..! ھاڻي دڙي جي تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳندو، ڇوتہ اسان وٽان پراڻا تعليمي ماھر استاد، سائين نثار بُلڙائي، محمد عارف جهوڪائي، سائين عبدالله خان پليجو، سائين روحل امين قريشي، سائين محمد يوسف ڪيڙانو، سائين محمد عارب دل ۽ ٻيا کوڙ سارا استاد ڪي ھيءُ جهان ڇڏي ويا، ڪي رٽائرڊ ٿي ويا، جن محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ھڙان وڙان خرچ ڪري تعليم کي اجاگر ڪيو. ھاڻي تعليم کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو ڇو تہ اھي استاد بہ نہ رھيا ۽ اھي شاگرد بہ ناھن! نئين ٽھي جو الله خير ڪري! ڇوتہ اسان جا تعليمي ادارا بدحال آھن. خاص ڪري پرائمري تعليم تہ بلڪل نہ ھجڻ جهڙي آھي. ان جو ڪارڻ سھولتون گهٽ آھن، آفيسر شاھي ڪروڙين رُپين جي بجيٽ ڪامورن جي اڪائونٽن ۾ وجهرائين ٿا، ايس ايم سي فنڊن جا لکين رُپيا پڻ ڪامون جي ور چاڙھي ڇڏيا آھن! ايتري قدر جو فرنيچر جي بہ کوٽ آھي! ان ڪري اسڪول جا ٻار ڪلاسن جي پٽ تي ويھي تعليم پرائين ٿا.
ضلعو سُجاول جنھن کي امير ضلعو ڪوٺيو ويندو ھو، ھن ضلعي جي دڙي شھر جي تعليم تمام مشھور ھئي، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، ڊائريڪٽر ۽ ٻين کاتن سان لاڳاپيل ماڻھو ھتان تعليم حاصل ڪري ھن شھر جو نالو روشن ڪيو. ھن وقت تعليمي ادارن جي اھڙي حالت آھي جو عمارتون موت جو رڪس ڪن ٿيون. ڪلاسن جي ٺھرايل ڪمرن جي ڇتين جا چاپوڙا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪِرندي ڏٺا وڃن ٿا. عمارتون جي زبون حالت آھي. ھتان جا ڪامورا ۽ استاد ڪلاسن کان ٻاھر ويھي تعليمي نظام ھلائن ٿا. جنھنڪري ھتان جي عوام ۽ انھن جو اولاد سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان لھرائي رھيو آھي. ھيءُ عوام دڙي شھر جي پرائمري اسڪول ون، ڊي او پرائمري کان مطالبو ٿو ڪري تہ اسڪول جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. خدارا محبت ۽ ڀائيچاري جو پاڻ ۾ سلوڪ رکي سياسي نفرتون ختم ڪري تعليم کي اڳتي وڌايو. اسان پاڻ دلير ٿيون تہ اسان کي ڪير بہ ڪجهہ نٿو ڪري سگهي.
رڳو دڙو شھر نہ پر ضلعي جي سڀني اسڪولن جون حالتون تمام خراب آھن. ھن وقت اھڙا گهڻي تعداد ۾ اسڪول ھوندا جن وٽ فرنيچر بہ نہ ھوندو! ٻيون سھولتون تہ پري رھيون! اسڪولن جا ٻار پٽ تي ويھي اس ۽ گرميءَ ۾ تعليم پرائين ٿا! اھو بہ ڪن جو اولاد ھوندو.
ھن ضلعي ۾ ڊي او پرائمري مقرر ئي نہ آھي! ڪيترائي ڀيرا ھن بابت آگاھي ڏني آھي پر ڪوبہ جواب نٿو ملي! ھن وقت اسان وٽ فرنيچر موجود نہ آھي. اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون تہ جلد کان جلد فرنيچر مھيا ڪيو وڃي تہ جيئن ھتان جا ٻار آسانيءَ سان تعليم پرائي سگهن. ضلعي سُجاول، تعلقي ميرپور بٺوري، شھر دڙي جي اسڪول پرائمري ون جي حالت ڪنھن کان ڳجهي ناھي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙو ون جا ھيٺيان مسئلا پيش ڪجن ٿا اميد آھي تہ انصاف ٿيندو. (1) اسڪول ۾ چوڪيداري نظام ناھي، اسڪول مان چوريون جام ٿين ٿيون، چوڪيدار ڏنو وڃي. (2) اسڪول لاءِ سوئيپر ناھي، صفائي ننڍڙن گلن جهڙن ٻارڙن کان ڪرائي پئي وڃي، اسڪول کي سوئيپر ڏنو وڃي. (3) تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار تمام گهڻا آھن استادن جي کوٽ آھي اھا پوري ڪئي وڃي تہ جيئن شاگردن مان بيچيني ختم ٿئي. (4) اسڪول جون چوديواريون ننڍيون آھن، چور، لوفر ۽ شاگردن جي چڙھڻ جو وڏو خدشو آھي، شاگردن جو اسڪول کان ڀڄڻ بہ معمول بڻيل آھي، چوديواري مٿي ڪرائي يا ڪنڊن جي تار لڳرائي ڏني وڃي. (5) اسڪول جا 3 ڪمرا زبون حال آھن مرمت ڪرايا وڃن. (6) پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام ناھي، پاڻي مھيا ڪيو وڃي. (7) اسڪول ٻاھران پرائيوٽ ماڻھن جا قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ مين روڊ تي بريڪر ٺھرايا وڃن. تہ جيئن ٻار حادثي جي شڪار کان بچي سگهن.
اسان تعليم جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون تہ پرائمري اسڪول دڙو ون جا اھي جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو