دم واھ کي  بند ڪرڻ خلاف سوين آبادگارن جو مين روڊ تي ڌرڻو،ٽرئفڪ جام

دم واھ کي بند ڪرڻ خلاف سوين آبادگارن جو مين روڊ تي ڌرڻو،ٽرئفڪ جام

کڏڙو (پوٽر) کڏڙو ڀرسان دم واھ کي بند ڪرڻ خلاف سوين آبادگارن جو سانگھڙ نوابشاھ مين روڊ تي ڌرڻو ۔ ٽائرن کي باھيون ۔3 ڪلاڪ روڊ بند وڏي تعداد ۾ مسافر گاڏيون بيھي ويون ۔ آباگادرن جو ايس ڊي او ايريگيشن خلاف سخت نعريبازي ۔ ڊي ايس پي سنجھورو ڳالھيون ڪري روش کولرايو ۔ خبرموجب جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ ھزارين ايڪڙن کي آباد ڪندڙ دم واھ کي گذريل 14 ڏينھن کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڄاڻائي ۽ سياسي انتقام وٺڻ لاء بند ڪرڻ خلاف اڄ دم واھ جي سوين آبادگارن پاران سڪل ٻوٽا کڻي اشفاق آرائين ، شڪر خان بروهي ، رجب مگسي، سخاوت آرائين ، جي اڳواڻي ۾ سانگھڙ نوابشاھ مين روڊ تي چڪ 24 بس اسٽاپ وٽ احتجاج ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي رڪاوٽون وجھي ڌرڻو ھنيو ويو ۔ جنھن سبب روڊ جي ٻنھي طرفن کان سوين مسافر گاڏيو بيھي ويون ۔ انھي موقعي تي آبادگارن دانھيندي چيو ته ڪرپٽ ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن کڏڙو ۽ ڪرپٽ عملو شاخن کي پنهنجي جاگير ٺاھيو ويٺا آھن ھنن چيو ته دم واھ کي 14 ڏينھن کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڄاڻائي بند ڪيو ويو آھي ۔ جڏھن ته دم واھ جي حصي جو پاڻي ٻين شاخن کي پئسن عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي آبادگارن الزام ھڻندي چيو ته ايس ڊي او سياسي وڏيرن جي حڪم تي رات جي وقت دم واھ ۾ 1 فوٽ پاڻي ڇڏي لفٽون ھڻائي حڪومتي ڌر جي بااثرن جون زمينون آباد ڪرائي رھيو جڏھن ته حڪومت ڌر جي مخالفن جون هزارين ايڪڙ زمينن تي لڳل فصلون سڪي تباھ ٿي ويون آھن ۽ اڃ وگھي جانور مري رھيا آھن ۔ دم واھ جي پاڻي جو شيڊول به ظاھر نٿا ڪن ۔ آبادگارن پاران ايس ڊي او ايريگيشن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي آبادگارن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ، سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ ٻين اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معملي جي انڪوائري ڪرائي ڪرپٽ ايس ڊي او خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۔ ھوڏانھن 3 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي سنجھورو پرويز قريشي احتجاج واري ھنڌ پھچي آباگارن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو