دلير مهدي پاران نعت جو نذرانو، مسلمانن کي مبارڪ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)12 ربيع الاول جي موقعي تي حضرت محمد مصطفيٰ صه کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سک گلوڪار دلير مهدي انسٽاگرام تي هڪ منٽ 53 سيڪنڊن جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن جي شروعات هن سِک شاعر مهندر سنگهه جي شعر سان ڪئي. ان شعر کانپوءِ گلوڪار حضور اڪرم صلعم جي لاءِ پنهنجو ڪلام پڙهيو. دلير مهدي وڊيو شيئر ڪندي انسٽاگرام تي دنيا جي مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه ۽ ربيع الاول جي مهيني جون مبارڪون به ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو