بکر(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي دجال چيڪ پوسٽ تي حملي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي،پوليس علي امين گنڊاپور کي سينيئر سول جج بکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته علي امين خلاف داجل چيڪ پوسٽ تي فساد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.بعد ۾ عدالت داجل چيڪ پوسٽ فساد ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف لاهور پوليس علي امين جي ٽرانزٽ رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت بحث مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن بعد ڪجهه دير جو فيصلو ٻڌائيندي علي امين کي هڪ ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي لاهور پوليس جي حوالي ڪيو ويو. علي امين گنڊاپور ريس ڪورس پوليس کي دهشتگرديءَ جي هڪ ڪيس ۾ گهربل آهي.










