خودڪشين جي وڌندڙ واقعن جا سبب ۽ انهن جا حل

خودڪشين جي وڌندڙ واقعن جا سبب ۽ انهن جا حل

ليکڪ خالد ميمڻ
پاڪستان اندر صوبي سنڌ ۽ وري خاص طور لاڙ ٿر واري پاسي روزانه خودڪشين جا وڌندڙ واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آھن اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي روزانه نوجوان مرد ۽ عورتن جي خودڪشين جا واقعا ٻڌي انتهائي افسوس سان گڏ درد پڻ ٿيندو آھي ته اسان جي نوجوان نسل کي آخر ٿي ڇا ويو آھي جو اهي ٿوري ٿوري معمولي ڳالهين تي پنهنجي قيمتي جانين کي ائين ختم ڪندي دير ئي نه ٿا ڪن آخر انهن وڌندڙ خودڪشين جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا ان سلسلي ۾ منهنجي هڪ نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر سان گفتگو ٿي ۽ مون ان کان ان وڌندڙ خودڪشين جي سببن بابت پڇيم ته هن ٻڌايو ته هنن خودڪشين جي وڌندڙ تعداد جا گهڻا سبب آھن هڪ ته بيروزگار آھي جو هر نوجوان کي سندن مائٽ انڪري ٿا پڙهائين ته اهي پڙهي ڪري نوڪري حاصل ڪندا ۽ پوء اسان جي پوڙهائپ ۾ اهي اسان جو سهارو بڻجي اسان کي ۽ گهر کي هلائيندا پر جڏهن اهي نوجوان پڙهي لکي سرڪاري نوڪرين جي لاء در در ڌڪا کائي ناڪام ٿي گهرن ۾ اچي ٿا ويهن ته انهن کان مزدوري به ڪانه ٿي ٿئي ته پوء انهن کي گهر جا وڏا دوست يار اوڙي پاڙي وارا طعنا ٿا ڏين جنهن جي ڪري اهي بددل ٿي پريشانين جو شڪار ٿي ڪري مختلف ذهني بيمارين جا مريض بنجي ٿا وڃن ۽ اڪيلا ٿي وڃن ٿا هنن مان برداشت جو مادو بلڪل ختم ٿي ٿو وڃي پوء جڏهن ڪا ڳالھ هنن جي سهپ کان وڌي ٿي وڃي ته انهن کي خودڪشي کان سواء ٻيو ڪو رستو نظر نه ٿو اچي ۽ هنن کي هن دنيا جي جهنجهٽن پريشانين کان بچڻ جو خودڪشي ئي واحد رستو نظر ايندو آھي ٻيو سبب وري عشق محبت ۾ ناڪامي به آھي جيئن ڪو مرد ڪنهن عورت سان يان ڪا ڇوڪري ڪنهن ڇوڪر سان عشق ڪري ٿي ۽ محبت ۾ اهي تمام گهڻو اڳتي نڪري ٿا وڃن پر سندن مائٽ انهن کي ملڻ نه ٿا ڏين ته اهي گهر ڇڏي نڪري ٿا وڃن يان وري خودڪشي کي ئي نجات جو واحد ذريعو سمجهي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيندا آھن ۽ خودڪشي جو هڪ سبب اهو به آھي ته پنهنجي ذاتي حيثيت طاقت کان وڌيڪ ملڻ جو سوچڻ جيئن هڪ عام مزدور پورهيت جو اولاد فلمون ڏسي اهي خواب ڏسي ۽ چاهي ته مون کي هڪ وڏي گاڏي بنگلو ۽ خوبصورت گهرواري ۽ بئنڪ بيلنس هجي ۽ اهڙا خواب لهندو هجي روزانه فلمون ڏسڻ ڪري ان جي اثر هيٺ پاڻ کي اصل حقيقي زندگي کان پري هڪ هيرو تصور ڪري پر جڏهن کيس حقيقي زندگي ۾ اهو ڪجھ نه ٿو ملي ته هو دل برداشته ٿي ڪري خودڪشي ڪري ٿو ڇڏي ان کان علاوه اسان جي معاشري ۾ جيڪي شھرن گهرن اندر مٽن مائٽن ۾ روزانه ننڍي ننڍي ڳالهين تي جهيڙا زال مڙس,ڀائرن,دوستن ۾ جهيڙا جهڳڙا ڏسي ڏسي نوجوان نسل ۾ به قوت سهپ,قوت برداشت,بلڪل به ناپيد بلڪه بلڪل ختم ٿي وئي آھي پوء اهي به هرهڪ سان ننڍي ننڍي ڳالھ تي وڙهي ٿا پون ۽ آخرڪار خودڪشي ڪندي به دير نه ٿا ڪن جڏهن ته ڇوڪرين ۾ خودڪشي جا سبب هڪ ته هو آزادي سان رهڻ چاهين ٿيون پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ ٿيون چاهين جيڪي آزادي مائٽ انهن کي هن معاشري جي ڪري نه ٿا ڏين ۽ ڪٿي ڪٿي وري انهن سان ظلم به ٿين ٿا انهن جي سڳي ماء گذاري ٿي وڃي ته سندس والد ٻي زال گهر ۾ آڻي ٿو ته اها نڳي ماء انهن تي ظلم ٿي ڪري جنهن جي ڪري به اهي خودڪشي کي ئي نجات سمجهن ٿيون جڏهن ته ان کان علاوه به ننڍا ننڍا ٻيا سبب هوندا آھن ته مون وري ڊاڪٽر صاحب کان ان جي مسئلن جي حل بابت پڇيو ته ان ٻڌايو ته ان جو حل اهو آھي ته مائٽ پنهنجي ٻارڙن کي اهو ذھن ٺاهي نه پڙهائين ته ڇوڪرو پڙهي نوڪري ڪري اسان کي ۽ گهر کي سنڀالي پر اهو ذهن رکي پڙهائين ته تعليم هڪ روشني آھي ۽ ان روشني جي حاصل ڪرڻ سان اسان جو اولاد اڳتي هلي دنيا سان ڪلهوڪلهي سان ملائي هلي سگهڻ جهڙو ٿئي ۽ اولاد کي تعليم سان گڏ هنري تعليم به ڏياري وڃي ته جيئن ان ۾ تعليم سان گڏ محنت جي عادت به پئي ته پوء اهو ڇوڪرو يان ڇوڪري تعليم سان گڏ هنر سکي ڪري پنهنجو ۽ مائٽن جو پيٽ آساني سان پالي سگهي ٿو ۽ گهرن اندر ٻارن کي بهترين ڀلو ماحول مهيا ڪيو وڃي ۽ اولاد کي رڳو ننڍو سمجهي وک وک تي دڙڪا ۽ خشڪ نصيحتون نه ڏجن پر هڪ دوست وانگر ان سان دوستي رکي ان جا مسئلا ان جا ڏک سور به ٻڌجن ته جيئن خبر پئجي سگهي ته اسان جو اولاد ڇا ٿو چاهي ڇا ٿو سوچي ۽ اگر ان کي والدين جي دوستي ملي ويندي ته اهي معاشري ۾ ڪنهن به ٻئي غلط قسم جي ماڻھن سان دوستي رکي نه ته موالي نه ئي چور ٿيندا ان کان علاوه ڇوڪرين کي به انهن جا جائز حق ڏيڻ گهرجن انهن کي تعليم سان گڏ انهن جي شادي ۾ به انهن جي مرضي ضرور پڇڻ گهرجي ڍورن ڍڳن وانگر کين ڪنهن انڌي منڊي سان نه پرڻائڻ گهرجن جڏهن ته نوجوانن کي به فلمن وانگر نه پر حقيقي زندگي وانگر سوچي زندگي گذارڻ گهرجي ڇوته فلمن ۽ ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کان زندگي بلڪل مختلف هوندي آھي ۽ مائٽن سان گڏ هتان جي حڪومت کي به گهرجي ته تعليم يافته نوجوانن کي انهن جي اهليت مطابق ميريٽ تي نوڪريون فراهم ڪري انهن کي بيروزگاري جي اذيتن کان بچايو وڃي ۽ اهڙيون نفسياتي اسپتالون وڌيڪ تعداد ۾ کولڻ گهرجن جن ۾ مختلف مسئلن سبب ذھني مريض بڻيل نوجوان جو علاج مفت ٿئي ته جيئن اسان جي ملڪ جو آئيندو اسان جي ملڪ جو مستقبل نوجوان نسل ان خودڪشين کان بچي ڪري مڪمل جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ملڪ کي وڌيڪ ترقي ڏيارين

پهنجو تبصرو موڪليو