خط مامري تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل داخل

خط مامري تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪيرائڻ جي عالمي سازش جي جاچ لاءِ داخل درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراض خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي ايڊووڪيٽ نعيم الحسن مبينه ڌمڪي واري خط جي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي رجسٽرار آفيس 6 اعتراض اٿاريا هئا هاڻي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي اپيل ۾ چيو ويو آهي ته خط انتهائي حساس آهي، ان جي ڪري عالمي سازش جو پتو لڳائڻ جي جاچ ٿيڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو