خضدار حملي جي پاڪستاني شوبز شخصيتن پاران مذمت

خضدار حملي جي پاڪستاني شوبز شخصيتن پاران مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي خضدار علائقي ۾ اسڪول بس تي حملي جي سخت مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستاني شوبز شخصيتن سخت مذمت ڪئي. خضدار ۾ هڪ افسوسناڪ ۽ دل ڏاريندڙ دهشتگرد حملي ۾، هڪ اسڪول بس کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 معصوم ٻار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو حملو هندستان جي دهشتگردن ڪيو هو. هن افسوسناڪ واقعي ملڪ ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانيل آهي، ۽ شوبز جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن واقعي تي پنهنجي گهري ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اداڪاره درفشان سليم انسٽاگرام تي لکيو ته خضدار ۾ ٻارن کي کڻي ويندڙ اسڪول بس تي حملي مون کي ڌڙڪائي ڇڏيو آهي. ڪو ماڻهو ايترو بي رحم ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي؟ هر روز جون خبرون اڳئين کان وڌيڪ دل ٽوڙيندڙ آهن. هي عام ڳالهه ناهي، ۽ نه ئي اسان کي ان کي عام ٿيڻ گهرجي. اداڪار شهروز سبزواري لکيو ته بزدل دشمن معصوم اسڪولي ٻارن کي نشانو بڻايو. اداڪاره ماورا حسين پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هر نئين خبر گذريل کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندي آهي. ٻارن تي حملا انسانيت خلاف ڏوهه آهن. دنيا کي ڇا ٿيو آهي؟ انسانيت ڪٿي وئي آهي؟ ٻين فنڪارن سميع خان، ڪرن حق، عاصم محمود، فضا خاور ۽ ايمن خان پڻ هن وحشياڻي عمل جي سخت مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.هن چيو ته سڄي قوم هن دل ڏاريندڙ واقعي تي سوڳوار آهي ۽ مطالبو ڪري رهي آهي ته ملوث عنصرن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن بزدلانه حملن کي روڪي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو