ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۾ خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال گروپ جي وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا.ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته بهادرآباد ۾ اڳواڻن جي وچ ۾ پارٽي اجلاس کانپوءِ اختلاف ٿيا، ايم پي اي اعجازالحق ۽ اڳواڻ ذاڪر سان ٻئي گروپ جي ڪارڪنن جهيڙو ڪيو.هن چيو ته منگلا شرما ۽ سبين غوري سان پڻ بدتميزي ڪئي وئي. هوڏانهن بهادرآباد جي ويجهو اشتعال ۾ آيل ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، ڪارڪنن هڪ ٻئي جي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ پڻ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق جو چوڻ هو ته ٻئي گروپ جي طرفان سخت هوائي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سبب اسان جو هڪ ڪارڪن زخمي ٿيو ۽ پٿراءُ جي ڪري به ڪارڪن زخمي ٿيا.هن چيو ته آفيس ۾ سخت ڀڃڊاهه ڪئي وئي آهي ۽ ڊي وي آر (DVR) پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، هاڻي هي معاملو وڌيڪ اڳتي هلڻ ممڪن ناهي.










