اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ چيو آهي ته وزيراعظم، قانون واري وزير ۽ شهزاد اڪبر منهنجي مڙس کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي جي دوران جسٽس قاضي فائز جي گهر واري سرينا عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته منهنجي خلاف ميڊيا پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۽ ايف بي آر ايندي ويندي اسان جي وڊيو ڪلپ ٺاهي ويندا آهن. وزيراعظم، قانون وارو وزير ۽ شهزاد اڪبر منهنجي مڙس کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ان وقت جي اٽارني جنرل انور منصور خان سميت سموري حڪومتي مشينري اسان جو رڪارڊ ورتو.اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور ۽ حڪومتي مشينري غيرقانوني طور تي اهو ڪم ڪيو. سرينا عيسيٰ چيو ته پنهنجي رقم مان خريد ڪيل ملڪيت راتو رات منهنجي مڙس جي نالي ڪئي وئي. جون 2020 تائين جي منهنجي ٽيڪس رڪارڊ تائين پهچ حاصل ڪئي وئي. مان عمران خان کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندي آهيان. وزيراعظم ۾ شڪست مڃڻ جي طاقت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته فروغ نسيم سياسي ايجنڊا جي تڪميل جي لاءِ عهدي جو ناجائز استعمال ڪيو. ڪڏهن وزير، ڪڏهن وڪيل فروغ نسيم عدالت سان راند کيڏي رهيو آهي.سرينا عيسيٰ جي دليلن تي جسٽس عمر عطا چيو ته هن وقت سڌو سنئون نشريات جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي رهي آهي. جسٽس قاضي جي گهر واري چيو ته شهزاد اڪبر جڏهن نوڪري شروع ڪئي ته ان جي پگهار 35 هزار هئي. مان شهزاد اڪبر کان به 22 سال اڳ نوڪري ڪري رهي آهيان، شهزاد اڪبر اڄ امير ماڻهو آهي پر هن ڪڏهن به اٽاثا ظاهر ناهن ڪيا.ان بابت هر سچ تي پردو وڌو پيو وڃي. نيب، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر شهزاد اڪبر جي معاملي تي خاموش ڇو آهن؟ ڪيس جي سڌو سنئون ڪوريج سان سچ عوام جي سامهون آندو وڃي. سرينا عيسيٰ جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










