لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرووزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ کي سياسي جي بٺي ۾ ٻاري رهي آهي سياست سنگين ۽ ڳنڀير ٿي چڪي آهي،آئي ايم ايم نه ئي پاڙيسري ملڪن جي مدد آهي ملڪ جن مسئلن جي ور چڙهيل آهي اهو پاڪستان جي سياست ۾ ڪوبه نتيجو ڏيکاري سگهي ٿو سپريم ڪورٽ کٽندي اليڪشن ڪرائڻي پوندي ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي عدليه سان ڪلهو ڪلهي سان هلڻ جو سڏ انتهائي ڪامياب رهيو اهو وقت پري نه آهي جڏهن سڄي قوم عمران خان، قانون ۽ آئين جي حق ۾ نڪرندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ڀارت وڃي جنهن ننڍڙي سوچ جو مظاهرو ڪيوآ هي واپاريل ڪشمير ۾ هن جي خلاف تمام گهڻي نفرت پيدا ٿي وئي آهي اسان هر صورت والاريل ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين.










