لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت بعد پنجاهه پنجاهه لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد ڇنڇر تي ڪيمپ جيل لاهور مان آزاد ٿي ويو. سندس خاندان جي ڀاتين ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن سند ڀرپور استقبال ڪيو. کيس گلن جا هار پارايا ويا ۽ مٿس گل به ڇٽيا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ ايفيڊرين ڪيس ۾ حنيف عباسي جي عمر قيد واري سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سندس سزا معطل ڪري ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواست گذار چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻين ستن جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي. درخواست گذار عدالت ۾ چيو ته انسداد منشيات عدالت فيصلي ۾ اهم قانوني نقطن کي نظرانداز ڪيو هو ۽ سندس خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس ٺاهيو ويو هو. واضح رهي ته 2011 ۾ مخدوم شهاب الدين جي وقت ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس منظر تي آيو هو ۽ حنيف عباسي تي الزام هو ته هن 5000 ڪلوگرام ايفيڊرين پنهنجي “گري فارماسٽيڪل ڪپني” لاءِ ڪوٽا ورتي ۽ بعد ۾ دواسازي ۾ استعمال بدران منشيات فروشن کي وڪرو ڪري ڇڏي هئي. جنهن تي انسداد منشيات عدالت کيس عمر قيد جي سزا ڏني هئي.
مشهور خبرون










