لاهور(م ڊ) حج ادا ڪرڻ مديني ويندڙ ميان نواز شريف جي ٻن ڀائٽين کي ايف آءِ اي وارن جهاز مان لاهي واپس ڪري ڇڏيو. مرحوم عباس شريف جي پٽن يوسف عباس ۽ عبدالعزيز عباس کي نيب جي درخواست تي سندن نالا پراونشل نيشنل آئڊنٽٽي لسٽ يعني پي اين آٰ ايل ۾ هئڻ سبب کين آف لوڊ ڪيو ويو. هي نئين لسٽ اميگريشن جي ضابطن م ترميم ڪندي اي سي ايل جي طرز تي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ صوبائي حڪومت جي ڪنهن به اداري جي درخواست تي جاچ ۾ گهربل شخص جو نالو شامل ڪري سگهبو. ٻئي ڀائر نيب وٽ هلندڙ چوڌري شگر ملز جي حوالي سان جاچ هيٺ آهن.










