حاملا نوجوان ناري سس ۽ سهري هٿان قتل

خيرپور(ن سنڌيار)ٺيڙهي جي رهواسڻ نوجوان ناري ببلي ڌي بشير احمد ميمڻ کي سهري ۽ سس مبينه طور بيدردي سان  قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي اسپتال آندو جتي ناري حمل سان ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي طرف علائقي ۾ اهي چوٻول هلندڙ آهن ته ناري جي قتل کي لڪائڻ لاء کيس جي منهن (وات) ۾ زهريليون ٽڪيون وجهي خودڪشي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي  جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهن نه وري پوليس پاران ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعو گذريل رات پيش آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو