حافظ نعيم جماعت اسلامي جو ڪارڪن بڻجي بال ٺاڪري  نه ٿئي

حافظ نعيم جماعت اسلامي جو ڪارڪن بڻجي بال ٺاڪري نه ٿئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي رهنماءَ حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو ڪارڪن بڻجي بال ٺاڪري نه ٿئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۾ دشمني جي ايجنڊا تي اچي چڪو آهي، جماعت اسلامي جي بزرگ ۽ سنجيده ماڻهن کي حافظ نعيم الرحمان جي ڳالهين ۽ ذهني حالت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي خبر آهي ته جماعت اسلامي سندن مقدمو نه وڙهي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير پهرين ڏينهن کان آدمشماري تي آواز اٿاريو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي سبب حاليه آدمشماري ۾ خامين کي درست ڪيو پيو وڃي، حافظ نعيم الرحمٰن جي بيانن جو عمران خان جي بيانن سان مقابلو هلي رهيو آهي جن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ ٻئي انتشار پکيڙي رهيا آهن. پيلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جون رونقون بحال ڪري رهي آهي، ڪالهه واري اجلاس ۾ حافظ نعيم هوم ورڪ کانسواءِ ويهي ڳالهائيندو رهيو، بلدياتي اليڪشن ۾ اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود حافظ نعيم الرحمان گهربل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حافظ نعيم مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ شڪست تي جماعت اسلامي ۾ اٿندڙ آوازن تي پريشان آهي، پنهنجي اڳواڻن جي شڪست جو جواب ڏيڻ بدران لساني سياسي انتشار پيدا ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو