گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جو نون چونڊيل وڏو وزير امجد حسين پهرين جولاءِ تي حلف کڻندو. نون چونڊيل وڏي وزير امجد حسين چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کي پڻ دعوت ڏني وئي آهي.حلف برداري جي اها تقريب وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ چنار باغ ۾ ٿيندي.










