“جيون جون انمول يادون”جي مهورتي تقريب

“جيون جون انمول يادون”جي مهورتي تقريب

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت آفيس سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ محمد اشرف ملاڻي جي آتم ڪٿا “جيون جون انمول يادون ” جي مهورتي تقريب ٿي گذري, تقريب جي صدارت  ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڪئي , مهمان خاص محمد اشرف ملاڻو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي هئا, جڏهن ته اعزازي مهمان الهه بچايو ” مشتاق” آريسر, محمد عظيم سهتو, مور ساگر هئا, تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته  اشرف ملاڻي جي آتم ڪٿا ۾ حق جو اظهار به آهي, ڪالم نگاري به آهي ته خاڪا نويسي به آهي, هنن چيو ته آتم ڪٿا ۾ احساس ڪمتري به هوندي آهي ته احساس برتري به هوندي آهي , ٻنهي ڪيفيتن کان آجي آتم ڪٿا جو رنگ منفرد هوندو آهي, اهو ئي نمونو اشرف ملاڻي جي آتم ڪٿا جو آهي, جنهن ۾ سادي ۽ آسان ٻولي استعمال ڪيل آهي, جنهن ۾ ليکڪ جي اندر جي پيڙا به سمايل آهي, جن ڪيفيتن ۽ حالتن مان هو گذريو, ان کي ڪاغذن تي ايمانداريءّ سان اوتاريو اٿس, هنن چيو ته تخليقڪار اهو ئي آهي جيڪو زندگيءّ کي مثبت رنگ ڏيڻ لاء ڪا نه ڪا تخليق ڇڏي وڃي, ڪيترن ئي ليکڪن آتم ڪٿائن ۾ ڪيريون ئي ڳالهيون پوشيده رکيون آهن, اهو ضروري به ناهي ته ان ۾ هر ڳالهه عيان هجي, زندگي جي يادن کي سادي ۽ سلوڻي نموني سهيڙڻ به تاريخ جو حصو آهي, اشرف ملاڻي به ان لحاظ کان پنهنجو ڪردار نڀايو آهي, هن مهذب انداز سان سادي ٻولي استعمال ڪري, وڏن جملن بجاء ننڍا جملا استعمال ڪري پڙهندڙ لاء آساني پيدا ڪئي آهي, تقريب کي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي, شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا, انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر جي صدر اعجاز جسڪاڻي, نثار احمد ناز, عبدالڪريم سومري, منير ڀٽي, جمن جانب سومرو, علي ڏنو جروار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو, جڏهن ته راڳي جان محمد لغاري , افضل قريشي ۽ ومل شرما بهترين ڪلام جهونگاري محفل کي چارچنڊ لڳايا. ان کان اڳ مهمانن کي اجرڪون اوڍائي , ڪتاب جي رونمائي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو