جهڙي غلط طريقي سان حڪومت آئي ائين ئي ويندي: مريم نواز

جهڙي غلط طريقي سان حڪومت آئي ائين ئي ويندي: مريم نواز

لاهور(ڊيسڪ نيوز) ملسم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي حوالي سان چيو آهي ته جهڙي غلط طريقي سان حڪومت آئي آهي اهڙي ئي طرح ختم ٿي ويندي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته انهن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي جنهن مون تي موبائل برآمد ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. آءِ جي جيل پاڻ ترديد ڪئي آهي ته مريم نواز کان ڪو به موبائل فون ناهي نڪتو ۽ اها ڳالهه ڪوڙي آهي. صحافين پاران مولانا فضل الرحمٰن جي لانگ مارچ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته جهڙي طرح ڪوڙ جا پير ناهن هوندا ڌانڌلي سان آيل حڪومت جا به پير ناهن هوندا جهڙي غلط طريقي سان حڪومت آئي  آهي اهڙي ئي طريقي سان ختم ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو