طفيل مگسي
“جڏهن جضرت انسان اک کولي ته هن جي هٿ ۾ نيزو هو ۽ وري جڌهن اک بند ڪيائين ته هن جي آڱر ايٽم جي بٽڻ تي هئي”جنگ انسان جي تاريخ جو هڪ اهڙو رت پياڪ باب آهي ته جنهن ۾ نه صرف رت جون نديون وهايون ويون ڀلڪ تهذيبن کي اوج تي پهچائڻ يا ميسارڻ جو ڪارڻ پڻ بڻي۔اڄ اسان انهيء سفر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو وٺون ٿا۔جنهن ۾ انسان هٿرادو پٿرن وارن هٿيارن کان وٺي ڪري جديد ٽيڪنالوجي تائين جو سفر ڪيو. جڏهن انسان حيوان هو۔۔۔نيزو هن جو انصاف؛پراڻي آثارن جي مطابق سڀ کان اڳ گڏيل جنگي نشانيون 13,000سال پهرين افريقي علائقي”جبل صاحبه”( Jebel Sahaba) کان مليون آهن۔جتي 61 انساني ڍانچا مليا آهن جن تي تي نيزي ۽ ٻين هٿيارن جا نشان موجود هئا۔اهي انسان شڪار سان گڏوگڏ دشمن قبيلن سان پنهنجي زمين يا پاڻي جي وسيلن تي وڙهندا هئا. مشهور مفڪر ٿامس بابر( Thomas Hobbes )چيو هو” انسان فطرتي خودغرض ۽ جنگجو آهي ۽ هر انسان ٻيئي جو دشمن آهي. مگر روسو ( Jean-Jacques Rousseau )جي مطابق”انسان فطرتي پرامن هو۔جنگ ان وقت شروع ٿي جڏهن انسان زمين تي ملڪيت قائم ڪئي”اهو فلسفو اڄ به سماجي سائنس ۾ بنيادي بحث جوموضوع آهي ته آيا جنگ انسان جي جبلت آهي يا تهذيب جي پيداوار. پراڻيون سلطنتون۔۔۔جتي جنگ حڪومت هئي؛جڏهن انسان پوکي راهي سکي۔تهذيبون اڀريون ۽ انهن سان گڏ جنگي ضرورتون به۔ميسوپوٽيميا۔مصر۔ايران ۽ چين جي پراڻين تهذيبن جنگ کي بقاء جو وسيلو بڻايو۔۔مصر ۽ بڪسوس جي وچ ۾ جنگين(war chariots )کي مقبول بڻايو۔جيڪا بعد ۾ چين کان مصر تائين پکڙجي وئي۔ايراني حڪمران سائرس اعظم( Cyrus the Great) ۽ داربوش فوجي اخلاقيات۔قانوني نظم ۽ شاهي رستن جي مدد سان جنگي قوت کي ڪشادگي ڏني۔اهو دور هن ڳاله جو ثبوت آهي ته جنگيون صرف خونريزي نه ڀلڪ رياستي نظم۔لاجسٽڪ ۽ تنظيم سازي جو بنياد به بڻجنديون رهيون۔ جنگ هنر بڻجي وئي۔۔۔يوناني ۽ رومن فوجي انجڻ۔عجیب و غریب تاريخ۔يونانين جنگ کي محض طاقت جو مظاهرو نه بلڪ”هنس”۾ تبديل ڪيو۔مشهور فالينڪس(phalanx )فوجي تربيت ۔جنهن ۾ سپاهي نيزا کڻي ڪري دشمن تي ناقابل ڪراس ڪندڙ ڀت بڻجي ويندا هئا۔اسپارٽا ۾ هر مرد ٻار کي سالن جي عمر ۾ فوجي تربيت ڏني ويندي هئي۔ايٿنز جي سامونڊي قوت سامونڊي جنگي جهازن جو تعارف ڪرايو۔جن کي ٽرائيرام(trireme) سڏيو ويندو هو۔رومن سلطنت انجينئرنگ۔قانون ۽ تنظيم جو اهو نظام قائم ڪيو۔جنهن جي مدد سان هن هڪ هزار سال تائين دنيا جي وڏي حصي تي حڪومت ڪئي۔رومي رستا ۽ پليون فوجي چڙهائين کي تيز ڪندا هئا۔قلعي ۾ بند شهر۔واچ ٽاور ۽ سرحدي قلعن(Limes )دفاعي جنڱ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو۔لينجري فوجي تربيت۔معاهدا ۽ دشمن کي روم جي شهريت ڏيڻ جي لالچ۔رومن سفارتڪاري جو حصو هو۔عجیب و غریب تاریخ ؛جنگ ادب۔فن ۽ تهذيب جو حصو چو بيڻا؟تاريخ ۾ جنگ صرف تلوار ۽ خونريزي تائين محدود نه هئي بلڪ اها ادب۔فن ۽ فلسفي جو محور بڻي۔هومر جي ايليد ۽ اوديسي۔۔۔يوناني جنگي شاعري جو شاهڪار۔فردوسي شهپارو۔۔۔ايران جي جنگي ۽ تهذيبي تاريخ جوعڪس۔مهاڀارت۔۔۔اخلاق۔ڌرم ۽ رت جي وچ ۾ چڪتاڻ۔عربي شاعري۔۔۔بنو اميه۔بنو عباس ۽ قبائلي فخر جو اظهارهر تهذيب جنگ کي پنهنجي ثقافتي ڍانچي ۾ شامل ڪيو۔ايستائين ته فن جي تعمير ۾ قلعا۔ميدان۔توپون ۽ دروازا اڄ به زنده مثال آهن۔۔جنگ ۽ معشيت۔۔۔۔پئسو۔طاقت ۽ سامراج۔ تاريخ ۾ اڪثر جنگين جا بنيادي سبب وسيلا۔واپار يا معاشي تسلط رهيا آهن۔يونانان ۽ايرانين جون جنگيون واپاري رستن تي قبضي جي لاء هيون۔رومن۔جارتيج جنگيون رومي سمنڊ جي واپاري اختيار جي لاء وڙهيون ويون۔صليبي جنگيون مذهب جي پردي ۾ اوڀرين واپار ۽ زمين جي لاء هيون۔بيٺڪيتي دور ۾ يورپي قومن افريقا۔ايشيا ۽ امريڪا تيي قبضو صرف وسيلن جي بنياد تي ڪيو۔ڪارل مارڪس جا لفظ”هر جنگ پئسي واري طبقي جي خواهش تي وڙهي ويندي آهي۔جڏهن ته مرڻ وارو سدائين مزدور هوندو آهي”نئون دور۔۔۔بندوق۔ثينڪ ۽ ايٽم ؛ سترهين صديء کانپوء جنگي ٽيڪنللوجي ء حيران جي رفتار سان ترقي ڪئي۔گن پائونڊر۔توپ۔گهوڙن کي ڦٽو ڪيو۔پهرين عالمي جنگ (1914–1918) ۾ ڪيميڪل هٿيار۔ٽينڪ ۽ کاهيون استعمال ٿيون۔ٻي عالمي جنگ( 1939–1945) ۾ جرمن بلئزيگ۔جاواني ڪامي سازي۽ پچاڙي ۾ هيروشيما ۽ ناگاساقي تي ايٽم بم دنيا کي ڌوڏي وڌو۔هينئر جنگ صرف مادي ناهي بلڪ سائبر۔نيوڪليئئر ۽ مصنوعي ذهانت(AI)تي مشتمل ٿي چڪي آهي۔ڊرون حملا(مثلا پاڪستان۔يمن۔شا،)۔سائبر حملا( مثلا ايران تي Stuxnet )۔ثارگيثڊ هٿيار۔آٽو ميٽڪ قاتل روبوٽس ۽ AI جن جینیاتی امڪان۔جنگ۔۔۔تباهي يا ارتقاء؟تاريخ هن حقيقت کي تسليم ڪري ٿي ته جنگ انسان کي تهذيب۔سائنسي ترقي۔فن ۽ فلسفو ڏنو۔مگر ان قيمت تي جيڪا لکين انسانن جي رت سان چڪائي وئي۔چا اسان جنگ کي بحيثيت “ارتقا “قبول ڪيون؟ يا”تهذيبي زوال” جي طور تي۔چا اسان سکنداسين ته اصل جنگ دشمن سان نه بلڪ جهالت ۽ لالچ سان آهي؟جيڪڏهن اسان جنگ جي تاريخ کان سبق نه سکيو ته ايندڙ جنگ شايد اها هوندي۔۔۔۔جيڪا ابسانيت کي سدائين جي لاء ختم ڪري چڏيندي۔
اگر آ










