جس دهج سي ڪوئي مقتل ۾ گيا!

شرجيل انعام ميمڻ
وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ، سنڌ حڪومت،
اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 95 هون جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1928ع تي سرشاهه نواز خان ڀٽو جي گهر ۾ سون جو چمچو کڻي جنم وٺندڙ شهيد ڀٽو 4 اپريل 1979ع تي پاڪستان جي غريب عوام لاءِ پنهنجي سڀ کان وڏي ميراث جان قربان ڪري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو هو نه رڳو هن خطي جو پر سموري عالمي انساني تاريخ جو هڪ لازوال ۽ لافاني ڪردار بڻجي چڪو آهي. شاهي خاندان ۾ اکيون کوليندڙ شهيد ڀٽو جو سياسي فلسفو هو ته ”ننگي پير عوام جي نقش قدم تي هلو ته اوهان ڪڏهن به نه لڏندؤ ” هڪ تمام امير خاندان جي ميمبر غريبن لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهڻ جو سوچيو ڇو؟ ان جو سبب شهيد ڀٽو پاڻ بيان ڪري ٿو. ڊيٿ سيل مان شهيد ڀٽو پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ خط لکيو، جيڪو ”منهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. هو هن خط ۾ پنهنجي ڌيءَ کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو ته ”تنهنجي ڏاڏي مون کي فخر سان سياست سيکاري ۽ تنهنجي ڏاڏي مونکي غربت جي سياست سيکاري. مان انهن ٻنهي کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکيو آهي ته جيئن انهن ٻنهين کي ملائي سگهان. پياري ڌيءَ! آءٌ توکي صرف هڪ پيغام ڏيان ٿو. هي پيغام ايندڙ ڏينهن جو پيغام ۽ تاريخ جو پيغام آهي. فقط عوام تي يقين رک. انهن جي نجات ۽ برابري لاءِ ڪم ڪر. الله پاڪ جي جنت تنهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان آهي ۽ سياست جي جنت عوام جي پيرن هيٺان آهي. شهيد ڀٽو ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽين جهڙين دانش گاهن مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن وطن واپس پهتو ته هو دنيا جي سياسي حلقن ۾ هڪ عظيم سياسي دانشور طور پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪو هو. فيلڊ مارشل ايوب خان کي جڏهن سندس بابت ٻڌو ته کيس پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪري صنعت جو وزير بڻايو. هو 30 سالن جي عمر ۾ ڪابينا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو وزير هو. وفاقي ڪابينا جي ميمبر جي حيثيت سان شهيد ڀٽو پنهنجي ڀرپور صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ۽ صرف 4 سالن جي عرصي ۾ يعني 34 سالن جي عمر ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير بڻجي ويو. اڄ به ڪجهه سطحي سوچ رکندڙ حلقا انهيءَ بيوقوفيءَ واري منطق جو سهارو وٺندي چون ٿا ته شهيد ڀٽو پنهنجي سياست جي شروعات هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي ڪابينا ۾ شامل ٿي ڪئي ان ڪري هو اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي. اهي حلقا تاريخ کان واقف ناهن. حقيقت اها آهي ته ان وقت ڪا به جمهوري حڪومت نه هئي ۽ آمريتي حڪومت پاڪستان کي دلدل ۾ ڌڪي رهي هئي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد نه هئي ۽ ان جو بنيادي مقصد خطي ۾ صرف آمريڪي مفادن جي خدمت ڪرڻ هو. شهيد ڀٽو به ايوبي ڪابينا ۾ وزير جي حيثيت سان پنهنجي ويزن تي ڪم ڪيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ طرفي سوچ مان ڪڍي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. ذوالفقار علي ڀٽي پهريون ڀيرو چين ۽ روس سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ انهن سان مختلف معاهدا ڪيا. اها پرڏيهي پاليسي ۾ وڏي تبديلي هئي. شهيد ڀٽو ايران ۽ ترڪي سان پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ڪيا ۽ انهن سان گڏجي ”ريجنل ڪوآپريشن فار ڊولپمينٽ“ (RCD) نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي. اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي هئي. شهيد ڀٽو ”غير اتحادي تحريڪ“ کي به منظم ڪيو ۽ علائقائي بلاڪ ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪيو. جڏهن ايوب خان ۽ سندس عالمي آقان کي اهو احساس ٿيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ته ايوب خان شهيد ڀٽو کي پنهنجي ڪابينا مان برطرف ڪري ڇڏيو. ان وقت شهيد ڀٽو ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ٽين دنيا جي قومن جو رهبر بڻجي چڪو هو. انهن قومن اهو محسوسٿي چڪو هو ته ڀٽو صاحب هڪ سامراج مخالف، عوام دوست ۽ قومن جي آزادي ڏياريندڙ اڳواڻ آهي. برطانيه جي عظيم سياسي دانشور برٽرينڊ رسل شهيد ڀٽو کي ايوب ڪابينا مان هٽائڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کي احتجاجي خط لکيا، جن ۾ چيو ويو ته ڀٽو هڪ عظيم قومپرست سياسي اڳواڻ آهي. اهي ٽئين دنيا جي قومن جو آواز آهي. هن جي برطرف سامراجي منصوبابندي آهي، پر اهڙن اڳواڻن جو رستو هاڻي روڪي نٿو سگهجي. پاڪستان جي عوام کي به احساس ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اهو اڳواڻ هو جنهن کين ۽ ملڪ کي حقيقي آزادي ۽ خودمختياري ڏني. ڀٽو صاحب جڏهن عوام وٽ پهتو ته عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. شهيد ڀٽو هاڻي پنهنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جمهوريت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ هڪ وڏي جمهوري تحريڪ هلائي. ان دوران هن 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، جيڪا جلد ئي پاڪستان جي مقبول ترين سياسي پارٽي بڻجي وئي.
جڏهن پاڪستان آمرانه حڪومتن جي غلط پاليسين سبب تباهيءَ جو شڪار ٿيو ۽ سقوط ڍاڪا جو سانحو پيش آيو ته پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد ڀٽو جي ضرورت پئي. شهيد ڀٽو پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي لکيل پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”مان ان وقت گڏيل قومن ۾ هئس ۽ هڪ ناممڪن صورتحال کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هوس. جنرل يحيٰ خان ٿيل تباهيءَ جو جائزو ورتو ۽ کيس شڪست جو پورو يقين ٿي ويو ۽ اهو امڪان پيدا ٿي ويو ته ڪجهه به واپس نه ٿي سگهندو. جيڪو ٿورو بچيو آهي سو به خطري ۾ آهي، سو هن هڪ خاص جهاز موڪليو ۽ مون کي واپس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. 20 ڊسمبر 1971ع تي هن مون کي چيو ته هو بُري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ مون کي شڪست کاڌل پاڪستان جي چارج وٺڻ گهرجي. اهو انڪري جو مون ۾ ئي باقي ملڪ کي بچائڻ جي صلاحيت آهي. انهن ناسازگار حالتن ۾ مون سوائين ٻارهين وڳي پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان حلف کنيو. هو اڳتي لکي ٿو ته ”مون تمام محاذن تي وڏي سرگرميءَ سان اڳڀرائي ڪئي. مون اتفاق راءِ سان آئين جي منظوري لاءِ ڪم شروع ڪيو ته جيئن پريشان ڪندڙ صوبائي خودمختياري جي سوال تي جمهوري اتفاق راءِ سان آئين پاس ڪيو وڃي. مون اقتصاديات کي گڏ ڪيو. مون اهم سماجي ۽ معاشي سڌارا ڪيا. مون بنگلاديش جو مسئلو حل ڪيو. مون هندستان سان شملا معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڪا به راز واري شق نه هئي، ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي 5000 چورس ميلن کان وڌيڪ ايراضي پاڪستان لاءِ واپس وٺي ڇڏيم. مون 90 هزار جنگي قيدين کي عزت سان واپس آندا ۽ انهن تي جنگي ڪيس به نه ٿيا. مون لاهور ۾ اسلامي سربراهي اجلاس منعقد ڪيو. مون آمريڪا طرفان هٿيارن جي فراهمي تي لاڳو پابندي ختم ڪرائي. مون هٿياربند فوجن کي جديد بڻايو. مون ملڪ کي واپس رستي تي آندو. ملڪ جي بحالي حيرت انگيز هئي. مون کي سڀ کان وڏي اطمينان ان ڳالهه جو آهي ته مون جمهوري طريقي سان ملڪ کي آئين ڏنو.“ اڄ به پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي ضرورت آهي. پاڪستان سمورن بحرانن مان تڏهن ئي نڪري سگهي ٿو جڏهن شهيد ڀٽو جي آزاد ۽ غير جانبداري واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. اها پرڏيهي پاليسي آمريڪا، روس، چين سميت دنيا جي سڀني طاقتن سان ٽڪراءَ کان بچڻ ۽ انهن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. هي پرڏيهي پاليسي سمورن پاڙيسرين سان گڏيل عملن تي ٻڌل آهي. هي پرڏيهي پاليسي سڄي دنيا ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪرڻ آهي. سندن اندروني پاليسي عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ انصاف لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.
محترمه بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي هزارين ڪارڪنن شهيد ڀٽو جي ان ئي ويزن تي عمل ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اڄ به پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪن ان ئي ويزن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اڄ به ان عزم کي ورجائين ٿا ته هو ڪنهن به قربانيءَ کان پئتي نه هٽندا.
جس دهج سي ڪوئي مقتل ۾ ڪيا
وه شام سالامت رهتي هي
يه جان تو آني جاني هي
اس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين

پهنجو تبصرو موڪليو