جسٽس نجفي ۽ جسٽس عباسي آئيني بينچ ۾ شامل

جسٽس نجفي ۽ جسٽس عباسي آئيني بينچ ۾ شامل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس عقيل عباسي کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اڪثريت ٻنهي ججن جي نالن جي منظوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس عقيل عباسي جي نالي جي منظوري 8 ووٽن جي اڪثريت ڏني، جڏهن ته جسٽس علي باقر نجفي کي 7 ووٽ مليا. ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر آئيني بينچن ۾ وڌيڪ ججن جي مقرري جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته بيرسٽر علي ظفر ۽ بيرسٽر گوهر به آئيني بينچن ۾ وڌيڪ ججن کي مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، سندن موقف هو ته آئيني بينچن ۾ ججن جي نامزدگي لاءِ رولز ٺاهيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو