تحرير زوار حسين شاهه
پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا اداره به آهن جن کي آئين تي هلڻ لاء حڪومتي ڌر کي بار بار گائيڊ لائين ڏيڻ انتهائي ضروري هوندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن اهڙي هدايت جاري نه ٿئي ته پوء ڪافي نقصان به ٿيندو آهي ، گهٽ م گهٽ هاڻ ائين ناهي ، هن ڪيس ۾ جيڪي قابل احترام 10 رڪني فل بينچ جي جج صاحبان ريمارڪس ڏنا آهن ته هي جديد کان جديد ٽيڪنالاجي آهي ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻين صوبن کان وڪيل صاحبان به آئين لائين ٿي ويڊيو لنڪ ذريعي ان ڪيس ۾ پنهنجا دليل ڏيندا آهن ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن وقت به اهڙي ئي صورت هال آهي جنهن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ، ان ڪري جسٽس قاضي فائز عيسا صاحب جي نظر ثاني ڪيس م به اهڙي ڪا مدد حاصل ڪئي ويندي پر ، وفاقي حڪومت جي ترجمان شايد اهڙي پريڪٽس تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي روڪڻ لاء درخواست پڻ ڪئي جنهن تي قابل احترام جج صاحبان وفاقي حڪومت جي ترجمان سان مخاطب ٿيندي ته اهو فيصلو به اسان کي ڪرڻو آهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ، برحال مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، پاڪستان جو واحد ادارو آهي جنهن تي هر ماڻهون جو پڪو يقين آهي ته اسان کي انصاف به ملندو حڪومت جيڪڏهن قانون آئين جي ڀڄڪڙي ڪندي ته لازمي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا جج صاحبان حڪومت کي هدايت جاري ڪندا ته توهان پاڪستان جي قانون آئين کي فالو ڪيو ، هي ان ڪري وڌيڪ حيثيت پڻ رکي ٿو حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي سڌي ريت ڪوريج جي مخالفت ڪري ڇڏي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته جيڪو نقطو مرڪزي ڪيس ۾ نه اٿاريو ويو هو، اهو نظرثاني ڪيس ۾ نٿو اٿاري سگهجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست ٻڌڻي قابل ناهي، جڏهن ته ڪنهن صحافي يا صحافتي تنظيم طرفان سڌي ريت ڪوريج جي ڪا درخواست ناهي ڏني وئي ۽ سڌي ريت ڪوريج جي اجازت ڏيڻ پاليسي جو معاملو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته اڄ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، اسان ويڊيو لنڪ جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي وڪيلن کي اسلام آباد ۾ ويهي ٻڌندا آهيون، سڌي ريت ڪوريج ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو خالص اختيار سپريم ڪورٽ کي حاصل آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي اهو نٿي چئي سگهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا ناهي ڪرڻو، توهان جو ڪم رڳو مدد ڪرڻ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته وفاقي حڪومت جو به اهو ئي موقف آهي ته اهو جڊيشل اختيار ناهي پر سپريم ڪورٽ جو انتظامي اختيار آهي. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي سڌي ريت ڪوريج جو اختيار ناهي ته ڪنهن سائل کي به اهو حق حاصل ناهي ته اهو سپريم ڪورٽ کي ٻڌائي ڇا ڪرڻو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ گنجائش گهٽ هجڻ جي صورت ۾ ڇا سپريم ڪورٽ ٻين عدالتي ڪمرن ۾ سڌي ريت ڪوريج جو بندوبست ڪري سگهي ٿي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته عدالت کي اهو اختيار حاصل آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته هن وقت سڄي دنيا هڪ عالمي ڳوٺ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، گوادر ۾ ويٺل شخص کي به اهو حق حاصل آهي ته اهو عدالتي ڪمري جي ڪوريج ٻڌي ۽ ڏسي سگهي، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڏکيائين سبب سپريم ڪورٽ نٿو اچي سگهي. هن چيو ته اسان پنهنجو مُنهن زمين ۾ دٻائي رکيو آهي ته جيڪو هلي رهيو آهي ائين ئي هلندو، نه توهان وٽ اهڙو راز آهي نه اسان وٽ ڪو اهڙو راز آهي، جنهن جي منع هجي، جيڪڏهن ڪنهن جج طرفان بدتميزي ڪئي وئي هجي ته اها به پبلڪ ٿيڻ گهرجي، عوام کي عدالتي فيصلن تي راءِ جو حق حاصل هجڻ گهرجي، اسان ڇو لِڪي رهيا آهيون، ڪهڙا سبب آهن، سڀ ڪجهه پبلڪ ٿيڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ روسٽرم تي اچي چيو ته حڪومت ميڊيا کي دٻائي رهي آهي، اڳ ۾ حڪومت ميڊيا کي تباهه ڪري ڇڏيو، هاڻ يوٽيوب جي پويان پئجي ويندا. هن چيو ته مون کي سرعام بدنام ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪنٽرول ميڊيا ذريعي منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪوريج سڌي ريت ٿئي ته سڀ ڏسندا حق سچ ڇا آهي، اهي حق ۽ سچ کان ڊڄن ٿا. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته مان توهان سان پرائيويٽ نٿو ملي سگهان نه ته پرائيويٽ ملي توهان کي ٻڌايان ها ته توهان کي ڀرپور ڪوريج ملي رهي آهي. پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، برحال مونکي ان وقت تعجب ٿي رهيو هو جڏهن قانون آئين کان ناوقف عام ماڻهون هجن يا سياستدان هجن هو بس ميڊيا ڏسي فوري اهڙن ادارن اهڙن جج صاحبان مٿان بلا جواز تنقيد ڪندا جنهن تي عام ماڻهون کي به اهڙن سياستدانن تي ضرور غصو ٿيندو ، هن وقت جهڙي اذيت مان عام ماڻهون پيو گذري اهو احساس نه وفاق کي آهي نه صوبن کي ، عوام پريشان حال آهي ، بيروزگاري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي جيڪڏهن مان هڪ عام پاڪستاني شهري جيڪو بيروزگار هو ان جا لفظ لکان ته يقين ڪيو ته روئڻ ايندو ، ان شهري سعيد احمد سولنگي سان جڏهن ملاقات ٿي ته ان چيو ته اسان جمهوريت جمهوريت جي راڳ ڳائيندڙ سياستدانن مان مايوس آهيون ، روزگار نه ٿو ملي پر پوء به مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪيون پيا ، جڏهن ته اها اجرت به نه ٿي ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها ، برحال ڏکن پٺيان سک هوندا آهن اها اميد آهي ته ڪڏهن ته اهو وقت ايندو جو سک جو ساهه پٽينداسين ، ٻئي پاسي بلا جواز وفاقي حڪومت قابل احترام جسٽس قاضي فائز عيسا صاحب جي ڪيس کي الجهائڻ گهري ٿي جيڪو به مناسب ناهي ، پاڪستان ۾ آئين قانون کي مدي نظر رکندي پهريون اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته سڀ کان پهريان پاڪستان ، آئين پوء ٻيون ڳالهيون پر گذري ٻن ڏهائين تي نظر وجهنداسين ته سياستدانن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري هن ملڪ کي تمام وڏو نقصان ڏنو آهي ، هن وقت به جهڙي ريت پاڪاتسن اندر جيڪا صورت هال آهي حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن رهنمائن جا چرچا ٻڌون پيا انهن جا ڪم ڏسئون پيا ته ڏاڍو ڏکيو محسوس ٿي رهيو آهي حڪومت هران اداري کي تباهه ڪرڻ گهري ٿي جيڪي به حڪومت جا پرڪار عوام اڳيان رکن ٿا ، جڏهن ته ميڊيا تي ڪارا وار ڪري ميڊيا وارن کي خريد ڪري ڇڏيو آهي ، ڪي هن جا ته ڪي هن جا بس پيسا ڏيون خاموش رهو پر سوشل ميڊيا هن وقت تاريخي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪهڙي به حڪومت هجي ان جتي ٻين ادارن م سياسي ڀرتي ڪري تباهه ڪيو انهن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته خاص طور سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اندر به اهڙي ئي ڀرتي ڪري هن پاڪ صاف شفاف اداري عوام جي آخري اميد کي به تباهه ڪن پر انهن جا اهي خواب پورا ناهين ٿي سگهيا نه ئي ٿيندا اهو ان ڪري جو جيڪو به جج صاحب آهي هو پاڪستان جي بقا سلامتي جو قسم کڻي ٿو عوام جي خدمت قانون انصاف مهيا ڪرڻ جو قسم کڻي ٿو بهترين جج صاحبان رٽائرڊ ٿي ويا بهترين هن وقت ملڪ جي تمام عدالتن سڳوري م ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته وڪيل صاحبان به ائين ئي آهن بهترين کان بهترين پاڪستان جي مفاد بقا لاء قانون آئين کي فالو ڪندي ڪم ڪن پيا جڏهن ته ڪجهه قلم ڪار به هن وقت پاڪستان جو سرمايو آهن ، پر اڪثريت پيسن ڏوڪڙن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪن ٿا جيڪي منهنجي نظر م ملڪ دشمن قوتن سان گڏ آهن جنهن کان پوء انهن جي ته آکريون کڄي رهيون آهن برحال سپريم ڪورٽ سڳوري سميت تمام عدالتون شاهدن ، ثبوتن ۽ قانون آئين دستور پاڪستان کي ڏسندي تاريخي فيصله ڪري رهيا آهن جنهن سان ملڪ جي بقا قائم آهي ۽ انصاف جي تقاضه به پوري ٿي رهي آهي










