ججن جو ٽرانسفر  ڪيس آئيني عدالت ۾ فڪس ڪرڻ جو قدم چئلينج

ججن جو ٽرانسفر ڪيس آئيني عدالت ۾ فڪس ڪرڻ جو قدم چئلينج

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ وڏي اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، جنهن موجب هاءِ ڪورٽ جي ججز درخواست بابت نئون فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.هاءِ ڪورٽ ججز طرفان وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل مقرر ڪرڻ خلاف نئين درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپيل سپريم ڪورٽ ۾ واپس اماڻي وڃي، انهي سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ جا 5 ججز وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪندا. ڪيس جي حوالي سان وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل درخواست تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اها درخواست وفاقي آئيني عدالت ۾ ٽرانسفر نه ٿي سگهندي، ٽرانسفر ججز اپيل واپس سپريم ڪورٽ اماڻي وڃي. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز طرفان اڄ درخواست داخل ڪئي ويندي. واضح رهي ته ٽرانسفر ججز ڪيس اپيل 24 نومبر تي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو