جاپان: گم ٿيل فوجي هيلي ڪاپٽر جا حصا ملي ويا

جاپان: گم ٿيل فوجي هيلي ڪاپٽر جا حصا ملي ويا

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)گم ٿيل جاپاني فوجي هيلي ڪاپٽر جو ملبو هڪ ڏينهن کانپوءِ مليو، پر ان تي قبضو ڪندڙن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان ۾ ريسڪيو اهلڪارن کي هيلي ڪاپٽر جا ڪيترائي حصا مليا آهن، جڏهن ته فوجي ڪمانڊر سميت عملي جي 10 ميمبرن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن اڃا جاري آهي.جاپاني وزيراعظم جو چوڻ آهي ته حڪومت جي پهرين ترجيح هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ماڻهن کي بچائڻ آهي.واضح رهي ته جاپاني فوجي هيلي ڪاپٽر گذريل ڏينهن اوڪيناوا ٻيٽ جي علائقي ۾ گم ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو