اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اربع تي شام جو وفاقي گادي واري شهر، ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۽ چلاس ۾ زوردار هوا ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو وٺو. جنهن سبب ڪيترائي وڻ پاڙئون پٽجي ويا. اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ مختلف سائيز جي برف جي ٽڪڙن جو مينهن وٺو. ريڊ زون، ايف سڪس ۽ جي سڪس واري پاسي گولف جي بال جي سائيز جو ڳڙو ڪريو، جنهن تي شيري رحمان چيو ته هي موسمياتي تبديلو جو نتيجو آهي ۽ آسمان مان برفاني ٽڪڙا ائين ڪرن پيا چڻ پٿراءُ ٿيندو هجي. جي اليون سميت ڪجهه علائقن ۾ بلور ۽ ان کان به ننٺي سائيز جو ڳڙو وٺو. 35 منٽن تائين جاري رهندڙ اتر جي تيز هوا ۽ برسات دوران کليل ميدان م بيٺل گاڏين جا ونڊ اسڪرين ۽ خاص ڪري گاڏين جا پويان شيشا ٽٽي پيا. گهٽين ۾ موجود ٻارن مٿان جڏهن برف جا ٽڪڙا ڪريا ته هو رڙيون ڪندا گهرن ڏانهن ڀڄندي نظر آيا. رپورٽس موجب ڪي پي جي لنڊي ڪوتل ۽ مردان سميت مختلف علائقن ۾ برساتي ٻوڏ جو خدشو آهي.گلگت جي شهر چلاس ۾ ٻن ٻارڙن جي تيز برسات ۾ لڙهي وڃڻ جو اطلاع آهي، سندن وارثن پاڻي مان ٻارن کي ڪڍي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويا.










