راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)توشه خانه ٽو ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سابق ملٽري سيڪريٽري اهم بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب سابق ملٽري سيڪريٽري بريگيڊير ريٽائرڊ محمد احمد عدالت ۾ پنهجي رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان اٽلي جي مشهور ڪمپني بلغاري جو جيولري سيٽ توشه خانه ۾ جمع نه ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. سابق ملٽري سيڪريٽري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن15 مئي 2020 کان 10 اپريل 2022 تائين ملٽري سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض نڀايائين، ۽ 7 مئي 2021 کان 10 مئي 2021 تائين سعودي عرب جي دوري تي سابق وزيراعظم سان گڏ رهيو. بريگيڊير ريٽائرڊ محمد احمد چيو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بيبي سعودي ولي عهد پاران ڏنل تحفا توشه خانه ۾ جمع نه ڪرائڻ جو چيو، تحفن ۾ جيولري سيٽ، عود جي بوتلن، زيتون جي تيل، کجور ۽ هڪ ڪتاب شامل هو. سابق ملٽري سيڪريٽري جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني تحفن جون سرڪاري پروٽوڪول مطابق تصويرون ورتيون ويون هيون، مان نيپ ۽ ايف آئي اي اڳيان پڻ بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهيان، غيرملڪي دورن تي تحفا وصول ڪرڻ وقت خارجه وزارت جا نمائندا موجود هوندا آهن، سعودي عرب ۾ مليل تحفن بابت پرڏيهي وزارت پي ايم آفيس کي لکت ۾ ڄاڻ ڏني هئي. بريگيڊير ريٽائرڊ محمد احمد بيان ۾ چيو آهي ته توشه خانه ڪابينه ڊويزن جي ماتحت آهي، سعودي عرب کان مليل تحفن جي ماليت 29 لک 14 هزار 500 روپيا لڳائي وئي، بشريٰ بيبي سعودي ولي عهد جي تحفي جي عيوض رقم جمع ڪرائي، توشه خانه سيڪشن پاران ڪوبه اعتراض نه آيو، ماليت جو تعين ۽ توشه خانه سان خط وڪتاب ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري عمران خان جي حڪم تي ڪئي هئي. ياد رهي ته ان سلسلي ۾ ايف آئي اي آفيسرن چيو آهي ته بلغاري جيولري سيٽ جي اصل قيمت ساڍا 7 ڪروڙ روپيا آهي. عمران خان پرائيويٽ اپريزر کان سيٽ جي قيمت 59 لک روپيا لڳرائي ۽ انهن صرف 29 لک روپيا سرڪاري خزاني۾ جمع ڪرايا. ايف آئي اي آفيسرن مطابق جيولري سيٽ ۾ نيڪلس، بريسليٽ، ائررنگ ۽ انگوٺي شامل هئا.










