توشه خانه ڪيس، عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي شروعات ٿي وئي، ڪرپٽ پريڪٽسز ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان تي ڏنڊ ۽ ٽي سال قيد جي سزا جي تلوار ٽنگيل آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وقاص ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حلفي بيان جمع ڪرايو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر موقف اختيار ڪندي چيو ته مون کي اختيار ڏنو ويو آهي ته 21 هين نومبر تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي پيروي ڪيان، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 190 کي 167 ۽ 173 سان گڏائي ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو آهي، اها ڪارروائي عمران خان جي ڪرپٽ پريڪٽيسسز بابت آهي، اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي ته هو ريفرنس جي بنياد تي اسيمبلي ميمبر جي نااهلي وارو معاملي کي ڏسي سگهي ٿي . عدالت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو بيان قلمبند ڪري ٻڌڻي اٺ ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو