screen shot file photo

تنقيد جي پرواهه ناهي، هيرو جو ڪردار ادا ڪندو رهندس؛ همايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامور اداڪار ۽ پروڊيوسر همايون سعيد جو چوڻ آهي ته ماڻهو جيتري به تنقيد ڪن پر مان هيرو جو ڪردار ادا ڪندو رهندس. ورسٽائل اداڪار همايون سعيد کي سوشل ميڊيا تي اڪثر ان جي عمر جي حساب سان مذاق جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن عمر ۾ همايو کي هيرو جي نه پر وڏي عمر واري ماڻهو جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هڪ مقامي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ همايون سعيد پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته ڪير ڪجهه به چوي مان اهڙي طرح فلمن ۽ ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندو رهندس. همايون سعيد جو چوڻ هو ته تنقيد ڪندڙن کي زبان سان نه پر سٺو ڪم ڪري جواب ڏيندو آهيان جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي لڳي ٿو ته مون کي بطور هيرو فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم نه ڪرڻ گهرجي ته مان صرف اهو ئي چوندس ته هيرو جو ڪردار ادا ڪندس جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪيو مون تي تنقيد جو ڪو به اثر نه پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو