تعليم کاتي جو رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو

تعليم کاتي جو رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان موجب سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه عمرڪوٽ ۾ پهرين ٽينٽ اسڪول جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سنڌ جي تعليم واري وزير سيڪريٽري تعيلم کي سنڌ جي سمورين ڪئمپن ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، جيڪڏهن قدم نه کڻون ها ته سنڌ ۾ 25 لک ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر ٿي وڃن ها.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو