حيدرآباد (پ_ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان موٽر سائيڪل جي تربيت لاءِ تربيت جو چوٿون ڏينهن ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪيترين ئي ڀينرن شرڪت ڪري تربيت حاصل ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري تربيت تي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اڄ جي بدترين معاشي صورتحال ۾ وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ڪيترن ئي ڪمن لاءِ عورت کي ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. روزگار جي مجبوريءَ سبب مرد صبح سوير پنهنجي نوڪرين ۽ گذر سفر لاءِ نڪري وڃن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ عورت کي ٻارن جي تعليم توڙي وڏڙن جي علاج لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو. پئٽرول جا اگهه وڌڻ ۽ مهانگائيءَ سبب رڪشه ۽ ٻين سوارين تي تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو، ان صورتحال ۾ سنڌ جون عورتون ۽ ڇوڪريون موٽر سائيڪل سکي پنهنجي گهر جي خرچ کي گهٽائي سگهن ٿيون ۽ جڏهن ته موٽرسائيڪل جي سواري پاڪستان جي ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي عورت ڪري پئي پر پاڪستان ۾ ان جي همت افزائي نه ڪئي وئي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي هن تربيت جي ذريعي سنڏ جون عورتون نه فقط گهر جي خرچن کي گهٽائي سگهن ٿيون پر پنهنجي روزگار ۽ گهر کي وڌيڪ وقت ڏئي سگهن ٿيون. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ تربيت دوران چيو ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ موٽرسائيڪل هلائڻ جي صلاحيت مددگار ٿيندي ۽ والدين جو خرچ به گهٽائي سگهبو. هن وڌيڪ چيو ته هن تربيت جي سوشل ميڊيا تي خبر ٻڌڻ کانپوءِ ڪيترين ئي ڇوڪرين رابطو ڪري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.










