اڄ ايڪيهين مئي بابائي سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جو ڏهاڙو آهي. حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901 تي موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ بکو ديرو ۾ پيدا ٿيو. هيءُ علائقو ڪنهن دور ۾ جتوئي تڙ به سڏبو هو ڇا ڪاڻ ته جھجھي وقت کان اڄ تائين هن علائقي ۾ جتوئي برادري جي وڏي آبادي رهندڙ آهي هن وقت به هي علائقو ٻهراڙي ۽ سڀني شهري سهولتن کان محروم آهي جنهن سان تصور ڪري سگهجي ٿو ته ان وقت هن علائقي جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي جتان هي عالمي معيار جو ماڻهون سرجي نڪتو هو . ( ننڍڙي جهلڪ پنهنجي ذهني يادگارين جي هن مضمون ۾ چٽيان ٿو جيئن هن عالمي ليول جي ڪردار کي گهرائي سان سمجهي سگهجي منهنجا ناناڻا بکو ديرو لڳ ڳوٺ ڇتو واھڻ جا هيا ۽ اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ آباد آهن، منهنجي بچپن جي سالن ۾ اڪثر ساريال مند ۾ مان امڙ سان گڏ ڇتو واهڻ ويندو هيس هالاڻي مان اسر ويل ڏاند گاڏي تي محراب پور اچي اتان صبح سوير ٽرين ۾ ويهبو هو ٻن ويلن جي ماني ساڻ ڪري سانجھيء ٽاڻي بخش جتوئي اسٽيشن تي پھچبو هو جتي منهنجو نانو خدابخش موهن جو دڙو واري نشاني ڏاند گاڏي ڪاهي ايندو هو رستو نه هئڻ سبب سارين جي پاڻيءَ کي جھاڳي رات جو ڇتو واهڻ پھچبو هو. منهنجي نانا جي سڳي ڀيڻ ۽ امڙ جي پڦي ماٽو جتوئي جي ريسن ۾ پرڻيل هئي ان سانگي ماٽو جتوئي جي رئيس محمد عرس، رئيس اڪبر جتوئي ۽ هاڻوڪي ڳوٺ جي چڱي مڙس مظهر جتوئي ۽ اڳوڻي قومپرست شاگرد اڳواڻ محمد جتوئي سان مائٽاڻو تعلق ۽ مائٽاڻو ناتو هو اسان جو جڏهن ڇتو واهڻ وڃڻ ٿيندو هو ته جتوئي برادري طرفان ان وقت جي روائتن تحت ماني جي دعوت ڪندا هئا، اهڙيون دعوتون کائڻ اسان ڏاند گاڏي ۾ ويندا هئاسين ان وقت ڳيرولو واھ تي پل نه هوندي هئي ٻيڙي تي چڙهي واھ پار ڪري ريسن طرفان موڪليل ڏاند گاڏي تي ماٽو جتوئي اتان وري دعوت تي بکو ديرو جتوئن ڏانهن ڏاند گاڏي تي ويندا هئاسين وري ٻئي ڏينهن رات جو ڏاند گاڏيءَ تي محراب پور جتوئي اچي رات رهبي هئي اها ستر جي ڏهاڪي جي آخري سالن جي حالت هئي.) ان ماحول کان به ڪجھ ڏهاڪا اڳ واريون حالتون ۽ سهولتن جي ڪهڙي صورت حال هوندي تصور ڪرڻ ڪو ڏکيو ناهي اهڙين حالتن ۾ حيدر بخش جتوئي ابتدائي پڙهائي ڪري لاڙڪاڻي سينٽر تي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ممبئي بورڊ مان سڄي سنڌ مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پوءِ ڪراچي مان ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪري ۾ داخل ٿيو انگريز دور ۾ خاندان ذات برادري ۽ علائقي ۾ وڏو اعزاز سمجهي ويندڙ ڊپٽي ڪليڪٽر جي نوڪري صرف سورهن سال ڪرڻ کان پوءِ نوڪري تان 1945 ۾ استعيفا ڏئي هو باظابطه سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿو. اهو قطعي نه سمجهڻ گهرجي ته حيدر بخش جتوئي ڪو شاگردي ۽ نوڪري واري عرصي ۾ سياست سان جڙيل نه هو. سندس لکڻين ۽ شاعري جي پڙهڻ مان سندس جذبن سوچن ۽ بصيرت جو اندازو سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو. پهرين جنگ عظيم جي شروعات دوران روس ۾ 1917 ۾ زار شاهي خلاف لينن طرفان آندل ڪميونسٽ انقلاب ۽ ان انقلاب جي اچڻ کان پوءِ روس ۾ لڳاتار پنج سال هلندڙ گهرو ويڙه جيڪا انقلابي ريڊ آرمي ۽ زار شاهي جي آرمي ۽ جاگيردارن سرمائيدارن سان وڙهي وئي جنهن ۾ ريڊ آرمي جي 1923 ۾ فتح سان انقلاب جي مڪمل تڪميل وقت حيدر بخش جتوئي جي لاڙڪاڻي واري تعليم جا سال آهن. عالمي سطح تي جنگ سبب تباھ حال دنيا. غربت. مفلسي ٻن ويلن جي ماني لاءِ محتاج پورهيتن ۽ هارين . جي نجات طور ڪميونسٽ فڪر جي اڀار جا سال ۽ غلام قومن ملڪن اندر آزادي جي تحريڪن ۽ اهڙين پارٽين جي وجود ۾ اچڻ جا سال ان کان پوءِ ڪراچي جي تعليم دوران ان وقت جي سياسي چر پر جا ڀرپور سال سنڌ جي ممبئي کان علحدگي. انگريز راڄ خلاف تحرڪ ۽ ڪميونسٽ لٽريچر ۽ سوشلسٽ حلقن سان حيدر بخش جتوئي جو ويجهو ٿيڻ علمي ادبي فورمن ۾ شرڪت ۽ پاڻ ادب ۽ شاعري لکڻ جي شروعات ڪرڻ . تعليم جي تڪميل ۽ نوڪري ۾ اچڻ وارو وقت هو . سنڌ جي ممبئي کان علحدگي ۽ انگريز سرڪار خلاف ڀرپور تحريڪ وارا سال. 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان علحدگي. ٻي عالمي جنگ جي شروعات. شهيد الله بخش سومرو جي شهادت. سنڌ جي آزادي يا موت جي نعري سان حر هلچل جو عروج. سنڌ ۾ مارشل لا جو لڳڻ پير صاحب پاڳاري جو ڦاسي چڙهي شهادت ماڻڻ. حر تحريڪ دوران گرفتار ڪيل مردن سان گڏ سنڌي عورت قيدين سان انگريز سرڪار جو اڍنگو رويو. مسلم ليگ جو سنڌ ۾ وارد ٿيڻ. سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حق ۾ قرداد جو پاس ٿيڻ. سباش چندر بوس طرفان آزاد هند فوج جو قيام . هيمون. ڪالاڻي. پڳت سنگھ جي هٿياربند هلچل ۽ انهن جو ساٿين سميت ڦاسي چڙهڻ. انگريز راڄ خلاف سڄي برصغير جو ڀنڀٽ ٿي ڀڙڪي اٿڻ. سنڌ جي تباھ حال هاري جي حالت زار ان جي نجات لاءِ. جي ايم سيد. جمشيد مهتا ۽ انيڪ فردن جو اڳتي وڌي هاري هلچل جو بنياد وجهڻ. ٻي جنگ عظيم جو خاتمو. تباھ حال دنيا. غلام قومن ۽ پيڙهيل طبقن ۽ عوام جو غلامي خلاف اٿي کڙو ٿيڻ. ۽ جنگ کان پوءِ برصغير مان انگريز سرڪار جي بدنيتي تي ٻڌل عالمي گهرجن مطابق خطي جي ماڻهن جي مرضي خلاف ورهاست جي سوچ ۽ عملي بنياد رکڻ. اهي سڀ حالتون هڪ حساس انسان . خطي ۽ عالمي حالتن تي گهري نظر رکندڙ بلڪ دسترس رکندڙ هڪ وطن پرست انسان جي سامهون هيون.
1945 کان 1970 زندگيءَ جا پنجويھ سال نٽهڻ اس ئي اس جا. هن جا خيال پهرين کان پختا هئا ته سنڌ ۽ مسڪين ماڻهن جي نجات جو رستو ڪهڙو آهي. ٻيو سڀ سراب ۽ دوکو آهي. سنڌ هڪ وطن آهي ۽ ان ۾ وسندڙ پورهيتن ۽ هارين جي نجات سائنسي سوشلزم جي فڪر ۽ فلسفي تحت آهي . هو سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو بنياد وجهي هاري هلچل جي عملي شروعات ڪري ٿو. ڏينهن رات ان کي سگهارو ڪرڻ لاءِ جهر جهنگ واهڻ واهڻ وسطي وسطي سين هڻي ٿو. جٿن مٿان جٿا جڙڻ لڳن ٿا ۽ سنڌ ۾ هاري هلچل ۽ طاقت هڪ ڌر بڻجي اڀري ٿي دشمن سگهارو آهي. ان ئي وقت برصغير جون لڪيرون نڪرن ٿيون. ڏسڻا وائسڻا ماڻهون حالتن کي سمجهندي شعوري طور ۽ وڏو انگ حالتن کي نه سمجهندي پنهنجي طاقت جو توازن اونده جو راڄ چاهيندڙ قوتن جي کاتي ۾ وجهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو ڏسي ٿو پنهنجي ذات تائين ۽ ٺهندڙ نئين ملڪ ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفادن کي. حيدر بخش جتوئي لاءِ به جام سارا موقعا ۽ منزلون هيون. پر هن جي ته ڪمٽمنٽ پنهنجي وطن سان پڪي پختي ۽ شعوري هئي ۽ هن جا ويچار. خواب عمل تڪليفون. ۽ قربانيون سڀ تڪيل توريل هيون. هو پنهنجي ڌن ۾ مست. نئين ملڪ جا عين وقت تي وارد ٿيل حڪمران. قائداعظم محمد علي جناح کي زيارت بلوچستان پهچائي پاڻ وڃي ڏاڏاڻن وٽ آمريڪا پهتا. حيدر بخش جتوئي سمجهي ويو ته ويڙه وڌيڪ سخت ۽ قيمت ڪجھ وڌيڪ ڏيڻي پوندي. پر سندس چهري تي نه ڪڏهن نراسائي ۽ نه ڪڏهن جذبي ۽ جدوجھد ۾ لرزش آئي . هو هاري ڪميٽي کي منظم ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ عالمي عوام دوست سوشلسٽ قوتن سان پنهنجي رشتن کي جوڙي ٿو ملڪ ۾ نئين صف بندي ۾ سنڌ مان حيدر بخش جتوئي سان . قاضي فيض محمد سميت اڻ ڳڻيا هاري ۽ کاٻي ڌر جا اڳواڻ ڌر بڻجن ٿا ملڪ ٻن سياسي قوتن پورهيت هاري دوست کاٻي ڌر قومپرست. جمهوريت پرست قوتن ۽ مظبوط مرڪز. مذهبي بنياد پرستي. آپيشاهي ۽ جاگيردار سرمائيدار عوام دشمن قوتن جي صف بندي ۾ داخل ٿئي ٿو . هاري ڪاميٽي حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ اندر جاگيردار ۽ حڪمران طبقن سان وڏي سگھ سان سامھون ٿئي ٿي ته سندس سگھ کي ڪچلڻ لاءِ لالچ ۽ جبر جا جملي طريقا ميدان تي اچن ٿا ۽ رياست ڌر طور سامهون اچي ٿي. ايوب شاهي ميدان ۾ سڌي طرح لهي ٿي. سڄو ملڪ ۾ کاٻي ڌر ۽ قوم پرست قوتن لاءِ مقتل سجن ٿا ڦاسايون سزائون قيد جبر روپوشين جا اڻ کٽ سلسلا. سنڌ جون زمينون. ملڪيتون ۽ ڪوڙا ڪليم ، نڪتل بئراجن جي ڪمانڊ هيٺ ايندڙ لکين ايڪڙ زمين هارين ۽ مقامي ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ جاگيردارن ۽ ڌارين کي رياستي منشا سان الاٽ ڪرڻ جو سلسلو، حيدر بخش جتوئي هڪ آڙاه کان ٻئي آڙاه کي چيلينج ڪندو رهي ٿو. بيراجي سسٽم وڌيڪ سنڌ جي زمينن تي راتاهي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. آخر رياستي عتاب ٻي واھ نه ڏسي هن مرد مجاهد ۽ ڌن جي پڪي اڻ ورچ انسان کي بغاوت جي ڪيس ۾ قيد ڪري انهن سختين مان ٿو گذاري جيڪي هڪ سٺ پنجهٺ سالن جي پوڙهي انسان لاءِ برداشت ڪرڻ ممڪن ناهن هونديون. تھ سياري جا ڏينهن راتيون ڪوئيٽا جو جيل ۽ گرم ترين ڏينهن ۾ گرم ترين علائقي جو مڇ جيل پر سندس جذبا نٿا ٽٽن حڪمران هاري طاقت کان خائف آهن سندس ڪيس سنڌ بجاءِ ڪوئيٽا ۾ هلي ٿو طاقتور حلقن جي خواهش آهي ته هو توبنهن تائب ٿئي آڻ مڃي پر حيدر بخش جتوئي ته حيدر آهي جنهن. جئي سنڌ جام محبت پئي سنڌ جهڙي لازوال گيت کي تخليق ڪيو جيڪو گيت اڄ به ظالمن جو پيڇو ڪندو رهي ٿو ۽ پورهيت فڪر سندس ذهن جي آبياري ڪئي هئي ڪٿي ٿو آڻ مڃي. (ڪجھ حلقا جن جو چوڻ آهي ته حيدر بخش جتوئي کي جهڪائڻ واري ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ سندس صحت کي خراب ڪرڻ لاءِ زهر يا منفي دوائن جو مڇ جيل ۾ مٿس استعمال ڪيو ويو. پر پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪڏهن اهڙو اظهار نه ڪيو) ۽ حيدر بخش جتوئي سڀ عذاب برداشت ڪندي نيٺ ڳچ وقت کان پوءِ جيل مان آزاد ٿيو ۽ پوءِ لڳاتار بيماري سندس پيڇو ڪندي رهي پر هن لکڻ پڙهڻ ۽ هاري هلچل جي رهنمائي آخري ڏينهن تائين به نه ڇڏي. حيدر بخش جتوئي جنهن کي سنڌ جي عوام بابائي سنڌ جو لقب ڏنو. جنهن هارين جي حقن لاءِ خراب تر حالتن سان وڙهي هارين جي حقن جو هاري ايڪٽ بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو. هارين جي هلچل سان هارين جو بيراجي زمينن تي حق مڃرايو. جئي سنڌ نعري جو خالق بڻيون. جنهن شخص لاءِ چين جي انقلابي اڳواڻ مائوزي تنگ. چو اين لاءِ کي تاڪيد ڪيو ته پاڪستان وڃي ٿو ته خاص طور منهنجي طرفان خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ حيدر بخش جتوئي سان ضرور ملاقات ڪجان. اهڙو انمول ڪردار جنهن جي دامن ۾ صرف نيڪيون ئي نيڪيون آهن حيدر بخش جتوئي اسان کان 21 مئي 1970 تي 69 سالن جي ڄمار ۾ جسماني طور وڇڙي سنڌ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ سمهي رهي.
هي مضمون سوشل ميڊيا تي وائرل هيو موقعي جي مناسبت سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










