ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت آفيس سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ٻولي جي بزرگ شاعر , محمد دائود ميمڻ المعروف “تاج ٽکڙائي” سان رهاڻ رچائي وئي, کيس اجرڪون اوڍائي, گلن جا هار پارايا ويا, ان موقعي تي مشاعرو پڻ ٿيو, رهاڻ ۽ مشاعري واري گڏيل تقريب جي صدارت پروفيسر مٺل جسڪاڻي ڪئي , مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني هو , جڏهن ته اعزازي مهمان سنڌي ادبي سنگت ضلع بدين جو رابطه سيڪريٽري مسافر هاليپوٽو, عبدالڪريم سومرو, عبدالستار “آڪاش” ٽکڙائي, اياز دانش هئا , تقريب کي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي, شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا, انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر جي صدر اعجاز جسڪاڻي, رفيق آس لغاري, نثار احمد ناز, رمضان دلدار چڍڙ,اصغر ڀٽي, انعام ٽکڙائي, سڪندر مهيري, عاشق ڳاهو, ساگر سڪندر پسيو, مختيار نظاماڻي, شعيب شاد, باغي فريد ملاڪاتياري, پير ماجد جان سرهندي, سومار سنگم, سارنگ شاهه, ڊاڪٽر احمد نوناري, عبدالمجيد سولنگي, ارمان خاصخيلي, شوق ٽکڙائي, شاعر اداس ٽکڙائي, فيض ٽکڙائي, غلام نبي شاعر خاصخيلي, محمد علي صارم سرهيو, فياض لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تاج ٽکڙائي ڏکن ۽ خوشين جو شاعر آهي, هو نه رڳو ٽکڙ ۽ ٽنڊو محمد خان پر سنڌ جو تاج آهي, جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جي هر پيڙا۽ رومانس جو هر رنگ پويل آهي, تاج ٽکڙائي سنڌي شاعري جو اهو اثاثو آهي جنهن لڳ ڀڳ مني صدي تائين سنڌي ٻولي, علم ۽ ادب لاء جاکوڙيو آهي, تاج ٽکڙائي هر دور جو شاعر آهي, جنهن جي شاعري ۾ ماضي, حال ۽ مستقبل جي عڪاسي نظر اچي ٿي, هو سنڌ جي اتهاس جو وارث شاعر آهي, جيڪو مسلسل لکندو پيو اچي ۽ ڀٽائيءّ جي سورمي سسئي جيان مسلسل جدوجهد ۾ رهيو آهي, مقررن وڌيڪ چيو ته تاج ٽکڙائي پنهنجي ذات ۾ انجمن آهي, علمي, ادبي , سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو روح روان رهيو آهي, هو ڪردار ۽ گفتار ۾ شاندار شخصيت جو مالڪ رهيو آهي, سندس گفتگو به بحر ۽ وزن ۾ محسوس ٿيندي آهي, تقريب کي خطاب ڪندي محمد دائود “تاج” ٽکڙائي چيو ته 1952ع کان شاعري جي شروعات ڪيم , اوڻهتر سال شاعري جي دنيا کي ڏنا اٿم , جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهيس اهو سچائي ۽ ايمانداري سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم, زندگيءّ جي طويل سفر جا ڪيئي رنگ ڏٺا اٿم , ڏکن سان به لانئون لڌيون ته خوشين جا ميلا جهميلا به ڏٺا, سي سڀ زندگيءّ جو سرمايو ۽ اثاثو آهن , زندگيءّ جون اهي يادون تادم وسارڻ جهڙيون ناهن ,هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا ٿورا قابل تحسين آهن, جن مونکي ان لائق سمجهي ڀيٽا ارپي. تقريب ۾ راڳي جان محمد لغاري, افضل قريشي ۽ ومل شرما ڪلام جهونگاري محفل کي رونق بخشي.










